بريڪنگ نيوزقومي

استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين جي ڀاءُ عالمگير ترين خودڪشي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ)استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين جي ڀاءُ آپگهات ڪري ڇڏيو.پوليس ذريعن موجب عالمگير ترين پسٽل سان پنهنجي مٿي ۾ گولي هنئي.عالمگير ترين ناليوارو بزنس مين ۽ پاڪستان سپر ليگ جي ٽيم ملتان سلطانز جو مالڪ ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر هو.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمگير ترين لاهور جي علائقي گلبرگ ۾ پنهنجي گهر ۾ هو، اتان اطلاع ملڻ تي پوليس پهتي.پوليس اختيارين موجب عالمگير ترين آپگهات کان اڳ هڪ لکت به ڇڏي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي بيماري جو ذڪر ڪيو آهي.هوڏانهن ويجهن دوستن جو چوڻ آهي ته کين عالمگير ترين جي بيماري جو علم ناهي.عالمگير ترين جي شادي نه ٿيل هئي، دوستن موجب سندس عمر 63 سال هئي، هن جو مڱڻو ٿيو هو ۽ ڊسمبر ۾ شادي ڪرڻ وارو هو.ملتان سلطانز طرفان ٽوئيٽر تي پوسٽ ۾ عالمگير ترين جي موت تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو ۽ مداحن کي درخواست ڪئي وئي آهي ته اهي ترين فيملي جي پرائيويسي جو خيال رکن.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button