بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊو غلام علي ۾ پيرسن عورت جو اغوا ڪري گم ڪيل نينگري جي بازيابي لاءِ احتجاج

ٽنڊو غلام علي (ن م)ڳوٺ اسحاق ڳهيلڙو جي رهواسڻ پيرسن عورت مسمات رخسانه زال شير محمد ڳهيلڙو پنهنجي پوٽن سان پريس ڪلب ٽنڊو غلام علي پهچي سندس معصوم  نياڻي 8ڪلاس جي شاگردياڻي مهوش ڌيءَ شير محمد لغاري کي مبينا ورغلائي اغوا ڪندڙ بااثر ۽سندس ٻن پٽن خلاف دانهيدي صحافين  کي ٻڌايو آھي ته 3ڏينهن اڳ ڳوٺ جي بااثر شخص پنهنجي ٻن پٽن جي مدد سان سندن 8ڪلاس ۾ پڙھندڙ نياڻي مهوش کي مبينا اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي نياڻي جي گمشدگي واري رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ جڏھن منهنجو وڏو پٽ ٽنڊو غلام علي ٿاڻي تي ويو ته پوليس بااثر جوابدارن جي ونگار وهندي منهنجي پٽ نياز محمد کي ڪاٺ چاڙھي بنا ايف آءِ آر جي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، مسمات رخسانه روئيندي ٻڌايو ته بااثر شخص اڳواٽ هن سميت سندس مڙس شير محمد ۽ رڪشا هلائي مزدوري ڪندڙ پٽ خدا بخش کي رمضان جي مهيني ۾ سندس ڀيڻ جي پاڻ مرادو گهران نڪرڻ جي الزام ۾ کين ٽنڊو غلام علي پوليس هٿان ٻڌرايو هو بعد ۾ چڱن جي وچ ۾آچڻ تي کين آزاد ڪيو ويو پر پٽ خدابخش کي اسان جي آزادي کان پوءِ به پوليس بااثرن جي چوڻ تي رمضان جي عيد واري رات کان 8ڏينهن مسلسل واڙي رکيو هو مسمات رخسانه خدشو ظاهر ڪندي چيو ته کيس شڪ آھي بااثر  سندس نياڻي کي ماري نه ڇڏين، هن چيف جٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي، ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين سميت  آءِ جي سنڌ پوليس ڪراچي، ڊي آءَ جي حيدرآباد،ايس  ايس پي بدين ۽ اي ايس پي ماتلي کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته سندن مغوي نياڻي کي بااثرن جي چنگل کان بازياب ڪرائي، نياڻي جي حياتي کي تحفظ  ڏياريو وڃي ۽ ملوث بااثر ۽ سندس سهولت ڪارن خلاف فوري طور جوڳا قدم کڻي انصاف ڏياريو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button