بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪانگريس منعقد

حيدرآباد(رپورٽ: فاضل چنا) پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن، پاران سنڌ جي ٻين ڊيليگيٽ ڪانگريس حيدرآباد پريس ڪلب ۾منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ آرگنائزنگ باڊي ٽوڙي نوان عھديدار چونڊيا ويا، جن ۾ صدر جي عھدي تي ڪانڀو خان عمراڻي، نائب صدر ڊاڪٽر عمران، جنرل سيڪريٽري آفتاب جتوئي، جوائنٽ سيڪريٽري ڪامران چانڊيو، تعليم ۽ تربيت سيڪريٽري امير علي شاھھ، انفارميشن سيڪريٽري زبير آزاد ۽ فنانس سيڪريٽري جي عھدي تي عاقب رتڙ کي چونڊيو ويو. ڪانگريس ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلھو، وفاقي ڊپٽي جنرل سيڪريٽي عاصم سجاد اختر، سنڌ جي صدر ضياءَ ڀٽي، اين ايس ايف جي عامر چانڊيو، پي ايس سي جي ورثا پيرزادو، پي آر ايس ايف جي ڪارڪنن سميت ھمدردن ۽ ٻين مختلف سياسي شاگرد تنظيمن جي شاگرد اڳواڻن ڀرپور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پي آر ايس ايف سنڌ جي نئين چونڊجي آيل صدر ڪانڀو خان عمراڻي ۽ جنرل سيڪريٽري آفتاب جتوئي جو چوڻ ھيو تھ تاريخ شاھد آھي تھ ترقي پسند شاگردن جو ھڪ ٿيڻ ئي شاگرد يونين کي مڪمل بحال ڪرائي سگھي ٿو، شاگردن ملڪي تاريخ ۾ سدائين مزاحمتي ۽ انقلابي ڪردار ادا ڪيو آھي، ون يونٽ ھجي، ٻولي جو معاملو ھجي يا وري شاگردن جي بنيادي حقن جو معاملو ترقي پسند شاگرد اڳڀرا رھيا آھن. ھنن چيو تھ ترقي پسند شاگرد جماعتون ھميشھ اڳڀريون رھيون آھن. ھنن چيو تھ شاگردن تي ٿيندڙ جبر جو خاتمو تڏھن ئي ممڪن آھي جڏھن ملڪ ۾ شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪئي ويندي. هن چيو تھ وڌندڙ مهانگائي جو گهڻو اثر غريب عوام ۽ شاگردن تي ٿيو آهي، جاگيردار، سرمائيدار ۽ ڪامورا شاھي واري طبقي تي مھانگائي جو ڪو بھ اثر نٿو ٿئي، انھن کي سموريون مراعتون عوام جي ٽيڪس مان ملي وڃن ٿيون، انھن طبقن جون مراعتون غريب ۽ مسڪين عوام جي مٿان وڏو بار آھن. شاگرد اڳواڻن چيو ته اسان کي روڪيو پيو وڃي ته سياست نه ڪيو، جنهن ڪري سنڌ يونيورسٽي اندر شاگردن کي کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي، صاف پاڻي گهرڻ تي شاگردن تي ڪيس داخل ڪيا ٿا وڃن، هڪ طرف مهانگائي ته ٻئي پاسي يونيورسٽين اندر شاگردن کان ڳريون فيسون ورتيون وڃن ٿيون جنهن سبب پورهيت جي پٽ جي لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button