بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌ جي عوام وٽ گهر گهر ويندس ۽ فنڪشنل مسلم ليگ ۾ شموليت جي دعوت ڏيندس: سيد محمد راشد شاهه راشدي

خيرپور/پيرجوڳوٺ/ڪراچي (نمائندن وٽان) حرجماعت جي روحاني پيشوا پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۽ جي ڊي اي سربراهه اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جن جي وڏي صاحبزادي ۽ مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي نائب صدر ايم پي اي سيد محمد راشد شاھ راشدي چيو آھي ته آئون سنڌ جي عوام وٽ گھر گھر ويندس ۽ مسلم ليگ فنڪشنل ۾ شموليت جي دعوت ڏيندس، ھن اھڙين ڳالھين جو اظھار خيرپور ۾ مختلف وفدن، پارٽي عھديدارن، ورڪرن ۽ ڪارڪنن سان ڳالھائيندي ڪيو، سيد محمد راشد شاھ راشدي وڌيڪ چيو ته پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل کي مضبوط ۽ مستحڪم بنائڻ لاءِ سنڌ صوبي جي ھر ضلعن ۽ تعلقن جا دورا ڪندس ۽ سنڌ جي نوجوانن کي مسلم ليگ (ف) جي پليٽ فارم تان دعوت ڏيندس ته ھو پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۾ شامل ٿين، پاڪستان ۽ سنڌ جي حقيقي وارث مسلم ليگ (ف) آھي، سيد محمد راشد شاھ راشدي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي انھن جا حق ڏيارينداسين، ترقياتي ڪم به ڪرائينداسين ۽ حق ۽ انصاف به ڏيارينداسين، سيد راشد شاھ چيو ته پاڪستان ۽ سنڌ کي مضبوط ڏسڻ لاءِ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۾ شموليت ضروري آھي، تاريخ گواھي ڏي ٿي ته اسان جي بزرگن  پاڪستان ۽ سنڌ جي خدمت ڪئي اسان به اھڙي طرح خدمت ڪندا رھنداسين، سنڌ جي عوام کي موقعو مليو آھي ته ھو پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۾ شامل ٿين ته آئنده چونڊن ۾ ڪامياب ٿي دل ۽ جان سان پنھنجي عوام جي خدمت ڪري سگھون، ھن وڌيڪ چيو ته منھنجي ڏاڏي سيد شاھ مردان شاھ  ۽ منھنجي والد جي نظريي جي مدنظر سنڌ جي عوام کي پرزور اپيل ٿو ڪريان ته ھو پاڪستان کي مستحڪم ڪن ۽ مسلم ليگ فنڪشنل کي مضبوط ڪن مسلم ليگ جي سوچ آھي ته پاڪستان ۽ اسان جا دفاعي ادارا، اسان جو دين ۽ مذھب مضبوط ھجن، اسان جي ملڪ ۾ وڏي پئماني تي ترقياتي ڪم ٿين، اسان جو فرض آھي تعليم، صحت، ترقياتي ڪم ۽ پنھنجي عوام جي قانوني مدد ڪريون ۽ اھو سڀ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل کي مضبوط بنائڻو پوندو، ھن وڌيڪ چيو ته اسان جو ڪنھن سان به ڪو اختلاف ناھي اسان صرف پاڪستان ۽ سنڌ صوبي کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا، سيد راشد شاھ ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جي ڊي اي اسان جو اليڪشن اتحاد ضروري آھي ۽ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل اسان جي سياسي جماعت آھي جنھن جي سوچ، نظريو ۽ فڪر اسان جي خون ۾ شامل آھي، ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي ۽ ملڪ جي مفاد ۾ اسان جو چونڊن اتحاد ڪنھن سان به ٿي سگھي ٿو جنھن جو اختيار پارٽي سربراھ اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جن وٽ آھي، منھنجي والد پارٽي سربراھ جي پاليسي مضبوط پاڪستان ۽ عوام جي خدمت آھي، اسان ھر وقت پنھنجي ديني درسگاهن ۽ مسجدن ۾ پاڪستان ۽ پاڪستان جي ادارن لاءِ دعاڳو رھندا آھيون. ٻئي طرف سيد محمد راشد شاھ خيرپور ۾ سردار غلام حيدر ڦلپوٽو جي وفات تي سندس رھائشگاھ تي پھچي ڀائرن سردار زاھد خان ڦلپوٽو، محمد خان ڦلپوٽو ۽ ٻين سان تعزيت ڪندي مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي وڏي انگ ۾ پارٽي ورڪر ۽ ڪارڪن ساڻس گڏ ھئا.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button