بريڪنگ نيوزقومي

جيڪڏهن عدالتون جعلي زرعي دوائون ختم نه ٿيون ڪري سگهن ته اسان کي آرمي ايڪٽ لاڳو ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آبادگار جيڪڏهن جعلي دوائن جو شڪار بڻجن ٿا ته وڏو نقصان هوندو، جيڪڏهن عدالتون جعلي زرعي دوائون ختم نه ٿيون ڪري سگهن ته اسان کي آرمي ايڪٽ لاڳو ڪرڻ گهرجي. فوڊ سيڪيوٽي تي قومي سيمينار سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 1960 کانپوءِ پاڪستان ۾ ٻيو سائو انقلاب آندو پيو وڃي، زراعت اسان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، آبادگار پاڪستان جي زراعت لاءِ رات ڏينهن محنت ڪري رهيا آهن، زراعت جي ترقي لاءِ آبادگارن کي وسيلا ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 75 سالن ۾ ڪيترائي ويزن آيا ۽ ويا، ترقي جو راز مسلسل عمل ۽ محنت ۾ لڪل آهي، 60 جي ڏهاڪي جي زرعي ترقي سان اسان ڪيترن ئي ملڪن کان اڳتي نڪري وياسين، منگلا ۽ تربيلا ڊيم ٺاهڻ سان ملڪ ۾ زرعي انقلاب آيو. سندس چوڻ هو ته هلندڙ سال ملڪ ۾ ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار ٿي، اميد ته ڪپهه جي پيداوار به اڳ کان سٺي هوندي، آبادگارن کي انهن جو مڪمل معاوضو ملڻ گهرجي، آبادگار کي پوري قيمت ملندي ته اهو شوق سان محنت ڪندو. وزيراعظم چيو ته زرعي انقلاب اچڻو آهي، آبادگارن کي ٻج، ڀاڻ جي فراهمي حڪومت جو فرض آهي، دوائون فراهم ڪرڻ به حڪومت جو فرض آهي، آرمي چيف جي دعوت تي ويس ته زبردست پريزنٽيشن ڏني وئي، جعلي دائون سول ڪورٽ مان ختم نه ٿين ته آرمي ايڪٽ لاڳو ڪرڻ گهرجي، آبادگار جيڪڏهن جعلي دوائن جو شڪار بڻجي ٿو ته اهو وڏو نقصان هوندو. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف سان پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ مولانا فضل الرحمان دبئي ۾ نواز شريف،  مريم نواز ۽  آصف زرداري سان ٿيل ملاقاتن تي خدشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم کيس خدشا ختم ڪرڻ ۽ اعتماد ۾ وٺڻ جي خاطري ڪرائي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button