بريڪنگ نيوزسنڌ

هالا ڀرسان جي رهواسي باگڙي برادري جو گهرن جي لوڙهن کي باهه ڏيندڙن خلاف احتجاج

مٽياري (ڊ ر)هالا ڀرسان ڳوٺ محمود ڏاهري جي رهواسي باگڙي برادري جي عورتن ۽ مردن وڪيل باگڙي۔دولت باگڙي ۔سروڻ باگڙي۔ڪنيو باگڙي۔نرما باگڙي۔ڀانان باگڙي  ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو تہ رات ديرسان اسان پنهنجن گهرن ۾ ستل هئاسين تہ ڪجھ ڏوهاري قسم جي ماڻھن هٿيارن سميت اسان جي گهرن تي هلان ڪئي  ۽ اسان جي سجاڳ ٿيڻ تي هو اسان جي گهرن جي لوڙھن کي باھه ڏئي فرار ٿي ويا، اسان  جي پاڙي جا ماڻھو جيڪي پاڻي جي واري تي هيا، انهن ٻٽ ٻڌل همراهن مان هڪ همراھه کي سڃاتو آھي  جنهن جي سڃاڻپ اشفاق ڏاهري طور ٿي آھي هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان حد جي ٿاڻي تي رپورٽ پڻ درج ڪرائي آھي پر اڃا تائين اسان جي ڪا داد رسي نٿي سگهي آھي اسان وزير اعليٰ سنڌ، ۔آءِ جي سنڌ، پوليس ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري سميت وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ٿا ته اسان غريبن سان انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button