بريڪنگ نيوزسنڌ

ٺري ميرواهه شهر سميت سرڪاري ادارن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

ٺري ميرواھه(ت ر)ٺري ميرواھه بجلي جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف اسپتال جي عملي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪندي ڊاڪٽر ماجد علي ڪٻر عطا حسين لغاري عبدالوحيد جوڳي محمد اشرف جوڳي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻه  مھينا ٿيا آهن سيپڪو ملازمن بلا جواز اسپتال جي بجلي ۾ ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري رهيا آهن جڏهن ته شديد گرمي سبب مريض وڏي تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهيون هي اسپتال سئي گئس مھراڻ ھاءِوي جي ويجهو آهي روڊ حادثن ۾ ايمرجنسي حالت ۾ مريض اچڻ تي بجلي نه هجڻ سبب اسان تمام گهڻو پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون بجلي 24 ڪلاڪن مان صرف 2 ڪلاڪ پئي ھلي باقي سڄو ڏينهن ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي بجلي نه هجڻ ڪري اسپتال ۾ موجوده ويڪسين ۽ ٻيون دوائون خراب ٿي پيون وڃن ايس ڊي او سيٺارجا کي بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود به اسپتال جي بجلي جي ٿيندڙ ھٿرادو لوڊشيڊنگ ختم نه پئي ڪئي وڃي سيپڪو عملدارن جي لاپرواهي ۽ نااهلي سبب اسان تمام گهڻي پريشاني مبتلا ٿي ويا آهيون ھنن اعليٰ عملدارن کي اپيل ڪندي چيو ته نااهل ايس ڊي او سيٺارجا کي فوري طور ھٽائي اسپتال جي بجلي بحال ڪئي وڃي جيئن ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريض کي سھولت ملي سگهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button