بريڪنگ نيوزسنڌ

ڪچي ۾ آپريشن سبب پڪي ۾ ڏوهه وڌيا آهن، قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي: سردار محمد بخش خان مهر

گهوٽڪي (امان الله چارڻ) پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مهر ٻه ڏينهن اڳ گھوٽڪي ۾ قتل ٿيل معصوم نينگري بشرا ساوند ۽ ٻين مقتولن جي تڏي تي ايس ايس پي گهوٽڪي کي ساڻ ڪري پهچي ويو، پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مهر پاران مقتولن جي وارثن سان تعزيت ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ کين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاطري ڪرائي، ان موقعي تي پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مهر مقتولا نينگري بشرا ساوند جي تڏي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گهوٽڪي وارو واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي جنهن تي دلي صدمو پهتو آهي، ايس ايس پي گهوٽڪي ان قتلن ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد جيڪا اڳڀرائي ٿي آهي ان کي واضع ڪندو، سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ هو ته هي واقعو پراڻي تڪرار تحت ٿيو آهي جيڪڏهن ان تڪرار جي حل لاءِ اپاءَ ورتا وڃن ها ته نقصان نه ٿئي ها، سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ هو ته قبائلي جهيڙن جي خاتمي لاءِ سڀني برادرين جي سردارن کي ويهي جهيڙا ختم ڪرائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ۽ اسين هاڻ تڪرارن جي خاتمي لاءِ گڏيل طريقي سان حڪمت عملي جوڙينداسين، هن چيو ته اسان جو خاندان هميشه امن پسند ۽ اهڙن قبائلي تڪرارن جو مخالف رهيو آهي، سردار محمد بخش خان مهر جو وڌيڪ چوڻ هو ته آئون هتان جو چونڊيل نمائندو آهيان تنهن ڪري مونکي به ڏوھ ٿيڻ تي تڪليف پهچي ٿي، پوليس پاران ڪچي طرف آپريشن جي ڪري پڪي وارن علائقن ۾ ڏوھ بلڪل وڌيا آهن جنهن لاءِ توهان ۽ اسين پوليس مان اميد رکون ٿا ته هو امن امان کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻندي، سردار محمد بخش خان مهر چيو ته هندو برادري سان گڏ آهيون انهن کي ڪو به تڪليف نٿو ڏيئي سگهي هندو برادري جي مندرن توڙي جتي سندن آبادي آهي اتي سيڪيورٽي وڌائڻ لاءِ ايس ايس پي کي چيو آهي، پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ هو ته ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو سٺو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اسان کي ان مان وڏيون اميدون آهن آئون هن کي اهو چيو آهي ته ڪچي کانپوءِ پڪي وارن علائقن ۾ امن امان کي يقيني بڻايو وڃي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button