بريڪنگ نيوزسنڌ

گهوٽڪي مان گم ٿيل معصوم ڀاءُ ۽ ڀيڻ بيدردي سان قتل،تشدد ٿيل لاش قبرستان مان هٿ

گهوٽڪي(امان الله چارڻ/ اعجاز  علي شيخ)گهوٽڪي ۾ بدامني سبب عوام سخت پريشان آھي گذريل ڏينهن گهوٽڪي جي شهباز ڪالوني مان لاپتا ٿيل ٻن معصوم ڀاءُ ڀيڻ سلمان، ڪلثوم لغاري ولد قربان لغاري جا تشدد ٿيل لاءِ گهوٽڪي جي نهرو شاهه قبرستان مان هٿ آيا ، مقامي ماڻھن قبرستان ۾ پيل ٻن ٻارڙن جا لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن بعد پوليس قبرستان پهچي ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ جا لاش کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيا جتي ٻنهي لاشن جي سڃاڻپ گذريل ڏينهن لاپتا ٿيل سلمان ۽ ڪلثوم لغاري طور ٿي جتان لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ جي جسم مٿان سخت تشدد ٿيل هو ۽ لاشن جي حالت به تمام گهڻي خراب ٿيل هئي، هوڏانهن گهوٽڪي جي سياسي سماجي ڌرين پاران گهوٽڪي ضلعي ۾ اغوا، قتل، بدامني، خلاف جمعي ڏينهن گهوٽڪي ۾ هڙتال ۽ سخت احتجاج جو اعلان ڪيو آھي جڏهن ته جسقم گهوٽڪي پاران به بدامني خلاف سخت احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آھي. اهڙي واقعي بعد گهوٽڪي جا سياسي سماجي اڳواڻ وڏي انگ ۾ تعلقا اسپتال گهوٽڪي پهچي ويا،پوليس موجب واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آھيون.1

 

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button