بريڪنگ نيوزسنڌ

جنگشاهي لڳ برساتي نالي ۾ وهنجندي 3 معصوم نينگريون ٻڏي ويون،2 فوت، هڪ کي بچايو ويو

ٺٽو(رپورٽ: صديق ميمڻ) جنگشاھي لڳ ڳوٺ سبز علي بروھي جون رھواسي 3 نياڻيون 8 ورهين جي بشرهہ ڌيءَ شاھنواز بروھي، 6 ورهين جي شيرين ڌيءَ الھجڙيو بروھي ۽ 6 ورهين جي سميره ڌيءَ وحيد بروھي جنگشاھي ريلوي اسٽيشن ڀرسان گذرندڙ برساتي نالي نئي ۾ وھنجندي ٻڏي ويون، جن مان ھڪ نياڻي سميرہ ڌيءَ وحيد بروھي کي بچايو ويو، جڏھن ته 2 نياڻيون ڀشرہ ڌيءَ شاھنواز بروھي ۽ شيرين ڌيءَ الھجڙيو بروھي موقعي تي بڏي فوت ٿي ويون، جن جا لاش پاڻي مان ڪڍي گھر پھچڻ تي سندن گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو، جڏھن ته نياڻي سميره ڌيءَ وحيد بروھي کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو آھي، جتي ڊاڪٽر سندس حياتي بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھن، ٻڌايو پيو وڃي ته تازو 2 ڏينھن اڳ پيل تيز برساتن سبب ڪوھستاني پٽي کان وھي آيل برساتي نالي نئي ۾ پاڻي جمع ٿي ويو ھو جتي ڳوٺ جون عورتون پنھنجي ٻارڙن سان گڏ ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ آيون ھيون، جتي ھي ٽيئي نياڻيون وھنجندي وڏي پاڻي جي کڏي ۾ ٻڏي ويون، جن مان 2 نياڻيون فوت ٿي ويون، جڏھن ته ھڪ نياڻي کي زخمي حالت ۾ بچائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، 2 نياڻين جي فوت ٿيڻ ۽ ھڪ نياڻي جي زخمي ٿيڻ تي ڳوٺ سميت جنگشاھي شھر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آھي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button