بريڪنگ نيوزقومي

رياست مخالفن جو اهڙو انجام ڪنداسين جو پوري دنيا ياد رکندي: جاويد لطيف

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو آهي ته پرڏيهي فنڊنگ ڀارت ۽ اسرائيل کان ٿي رهي آهي، جنهن جا نتيجا 9 ۽ 10 مئي جي  واقعن ذريعي حاصل ڪيا ويا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي پرڏيهه مان اربين رپين جي فنڊنگ ملي، جيڪا پاڪستان جي مفادن جي خلاف هئي.  هن چيو ته اسرائيل ۽ ڀارت مان هن شخص کي فنڊنگ جو مقصد ملڪ کي نقصان پهچائڻ آهي، رياست خلاف سازش ڪندڙن کي سزا ملڻ گهرجي.  جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس 11 سالن کان اڻڌريو آهي، جيڪڏهن ان ڪيس جو نتيجو نڪرڻ ڏنو وڃي ها ته قوم ڄاڻي ها. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته اڄ اسرائيل 9 ۽ 10 مئي جي اصلي جوابدارن کي بچائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، ڪو ٻڌائي ته اسان جي رياست تي حملو ڪرڻ ڏوهه آهي يا نه، جڏهن ته اهڙو ڏوهه سندن رياستن ۾ ٿئي ٿو ته ٻيون رياستون به ڪن. انهن کي انساني حقن جي آڙ ۾ تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش به؟ اڄ ڪجهه ادارا ڄاڻي واڻي پاڻ کي دٻاءُ ۾ وجهي رهيا آهن. هنن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ وارن کي اڄ به سهولتون ڏنيون پيون وڃن، ٻن مهينن کان رياست پنهنجي لاءِ انصاف جي گهر ڪري رهي آهي پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، حڪومت ايندڙ چيف جسٽس خلاف اپيل واپس وٺي ڇڏي آهي.هن چيو ته حامد خان اهو به چيو ته نواز شريف سان زيادتي ڪئي وئي، ڇا 2 مهينن ۾ فيصلو نه ٿي سگهيو ته 9 مئي جي جوابدارن جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ ٿيڻ گهرجي يا سول عدالتن ۾، ياد رکو رياستون ايتريون ڪمزور ناهن. رياست جي مخالفن کي اهڙي عبرتناڪ سزا ملندي جو دنيا ياد رکندي. وفاقي وزير جو اهو به چوڻ هو ته پاڪستان جي موجوده صورتحال تقاضا ڪري ٿي ته منصفاڻيون چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن، عوام فيصلو ڪندو ته ڪهڙي حڪومت ايندي، جيڪڏهن منصفاڻيون چونڊون ٿيون ته نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم چونڊجي ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button