بريڪنگ نيوزسنڌ

نوابشاهه ۾ عدالتي حڪم تي پوليس عملدارن مٿان نوجوان جي ناحق گرفتاري جو ڪيس داخل

نوابشاھه(ڊ ر) نوابشاھه قاضي احمد پوليس  ڳوٺاڻي  غلام شبير لاشاري کي اغوا ڪري ناحق بند رکڻ خلاف نوابشاھه پريس ڪلب آڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ جڏهن ته  فريادڻ شاھداه لاشاري جي درخواست تي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج نواب شاھ جي حڪم تي ايس آءِ پي مولابخش چانڊيو،اي ايس آءِ ڪريم بخش لاکو مٿان ڳوٺاڻي کي بلاجواز ناحق گرفتار ڪري ڳجهي هنڌ رکي مٿس سخت تشدد ڪرڻ تي قلم 395.365.452 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي  جڏھن ته مذڪوره ساڳئي ئي معامري تي ھڪ وڌيڪ ڪيس دخل ڪيو ويو آھي عدالتي حڪم تحت فريادي نصرالله لاشاري جي فرياد تي قلم 344.220.109 تحت ايس آءِ پي مولابخش چانڊيو،پوليس اهلڪارن خدا ڏنو اوٺو،ممتاز لاکو،رسول بخش ڪنڀر سميت ٻين اهلڪارن مٿان 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آھن هوڏانهن نواب شاھ جي عدالت جي حڪم تي سڪرنڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ 1 هڪ هنڌ اوچتو ڇاپو هڻي زنجينرن ۾ ٻڌل شخص غلام شبير لاشاري کي هٿ ڪري ورتو جنهن بعد عدالتي حڪم تحت کيس نوابشاھه جي عدالت اڳيان پيش ڪيو ويو آھي ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته قاضي احمد ۽ نوابشاهه لنڪ روڊ تي پوليس اهلڪارن ڪار کي روڪي سخت شدد ۽ مارڪٽ بعد غلام شبير لاشاري کي گرفتار ڪري ڪنهن اڻڄاتل هنڌ تي منتقل ڪيو هو جنهن بعد فريادڻ پنهنجي وڪيل جي معرفت اهڙي درخواست عدالت ۾ داخل ڪئي ۽ جڏهن ته ائي جي سنڌ نوٽيس وٺڻ کان پوءِ غلام شبير جي تشدد ڪندڙ اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button