بريڪنگ نيوزسنڌ

نگران وڏي وزير جو نالو ڏيڻ لاءِ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ کي اڳيان اچڻو پوندو: مراد علي شاهه

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي اليڪشن لاءِ تيار آهي نگران وڏي وزير جو نالو ڏيڻ لاءِ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ کي سامهون اچڻو پوندو خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي وڏي وزير چيو ته سڄي سنڌ ۾ مڪاني چونڊون هتان جي ماڻهن جي ووٽ سان کٽيو آهن هن چيو ته 12 آگسٽ تي رات 12 وڳي اسيمبلي جو مدو پورو ٿي ويندو اسيمبلي جو مدو ختم ٿئي ته آئين ۾ لکيل آهي ته ٻن مهينن ۾ اليڪشن ٿيندي اسيمبلي مدو پورو ڪري ته ٻه مهينا ۽ پهريان ختم ٿئي ته ٽن مهينن ۾ اليڪشن ٿيڻي آهي اسيمبلي جو مدو پورو ٿئي ته اليڪشن ڪميشن کي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ ٻه مهينا ڪافي آهن هن چيو ته حليم عادل شيخ اسيمبلي ۾ اچي الزام آهن ته ثبوت پيش ڪري جيڪڏهن ڪوئي 35 ميمبر پورا ڪري ته اپوزيشن ليڊر تبديل ڪري سگهي ٿو وڏي وزير چيو ته حليم عادل شيخ اڳ به گرفتار ٿيو جڏهن سيشن ٿيندو هو ته حڪومت اسيمبلي ۾ آڻيندي هئي سنڌ اسيمبلي اسپيڪر جيل ۾ هوندي اسيمبلي سيشن ڪرائي ٿو هن چيو ته اپوزيشن ليڊر تبديل ڪرڻ ۾ حڪومت جو ڪو ڪردار ناهي هوندو حليم عادل شيخ خبر نه آهي ته ڪٿان وڊيو بيان ڏي ٿو مرادعلي شاهه چيو ته اپوزيشن ليڊر کي درخواست آهي ته پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري نگران وڏي وزير جو نالو ڏيڻ لاءِ اپوزيشن ليڊر کي سامهون اچڻو پوندو وڊيو بيان ۾ نالا پيش نٿا ڪري سگهجن سامهون اچڻو پوندو هن چيو ته 9 مئي جي رات شارع فيصل وار زون جو ڏيک ڏئي رهيو هو اتي وک وگ تي سڙيل گاڏيون ڏٺيون وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ اسان وٽ استادن جي کوٽ جو مسئلو هو اسان 60 هزار استاد ميرٽ تي ڀرتي ڪيا آهن هن چيو ته سنڌ ۾ ٻه وڏا سيلاب آيا ڪرونا جو مسئلو هو مڪاني چونڊون ڏيڍ سال هلنديون رهيون اليڪشن ڪيمشن چيو ته ڀرتيون نٿا ڪري سگهون مرادعلي شآهه چيو ته انهن مسئلن جي ڪري تعليم بابت پروگرام مڪمل نه ڪري سگهياسين رڳو سنڌ ۾ شاگرد يونين تي پابندي ختم ڪئي وئي هن چيو ته منشيات ۽ ٻيا ڏوهه ختم ڪرڻ لاءِ سيف سٽي پروجيڪٽ ڪافي اڳيان آندو آهي ڪچي جي علائقي ۾ پوليس جي صلاحيت وڌائڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون وڏي وزير چيو ته جبري گمشدگي جو مسئلو آهي ڪوشش ڪنداسين ته هي مسئلو حل ٿئي جڏهن ماڻهو بازياب ٿين ٿا ته پوءِ گمشدگي بابت ٻڌائين نٿا هن چيو ته انهيءَ ڪري ڪڏهن به اسان کي ئي ان جو زميوار ڄاڻايو وڃي ٿو 2022 جي ٻوڏ کان پوءِ خيال هو ته ربيع جو فصل به نه ٿيندو مرادعلي شآهه چيو ته الله سائين ڪرم ڪيو سنڌ ۾ ججهي مقدار ۾ ڪڻڪ لٿي ڏيڍ ارب ڊالر جي اسڪيم ٺاهي آهي موسمي تبديلي اثرن کان محفوظ 20 لک گهر ٺاهيا ويندا هن چيو ته اسان هن اسڪيم لاءِ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ رقم جي خاطري وٺي چڪا آهيون 20 لک گهرن جو سروي ڪيو محفوط گهر ٺهڻ شروع ٿيا آهن وڏي وزير چيو ته روڊن رستن، ايريگيشن چينلز لاءِ فنڊز جو وڏو حصو ارينج ڪري چڪا آهيون ٻوڏ وڏو امتحان هو حوصلو هاري چڪو هوس ته ڪيئن رليف ڏينداسينهن چيو ته اسان سنڌ جي ماڻهن کي لاوارث ناهي ڇڏيو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مڪاني چوندن ۾ سوئپ ڪيو جيڪو ثبوت آهي ته سنڌ حڪومت ڪم ڪندي رهي آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button