اڄوڪي اخبارسنڌ

سڪرنڊ ڀرسان گهريلو تڪرار تان مڙس هٿان زال قتل، ڀيڻ زخمي

سڪرنڊ(رپورٽ: مسعود عمراڻي) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ داد ٻنڀ جي رھواسي راشد ٻنڀ گهريلو تڪرار تان پسٽل جا فائر ڪري پنھنجي 25 ساله گھر واري صابل  کي قتل ڪري ڇڏيو جڏھن ته مقتولا کي بچائڻ جي ڪوشش دوران جوابدار جي فائرنگ ۾ سندس نوجوان ڀيڻ نجمه سخت پڻ زخمي ٿي پئي. جيئن ته اهڙو واقعو ڪرڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويو. هوڏانهن اھڙي اطلاع بعد ڊي ايس پي سڪرنڊ اسرار احمد بروهي، ايس ايڇ او سڪرنڊ ثناءُ الله پنهور، وڏو منشي عارف کوسو پوليس جي وڏي نفري سان واقعي واري هنڌ پهتا ۽ مقتولا مسمات صابل ۽ زخمي مسمات نجمه کي ھمدرد فري ايمبولينس ذريعي تعلقه اسپتال کڻائي آيا. جتان زخمي عورت کي نواب شاھ منتقل ڪيو ويو. جڏھن ته فوتي عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ڊي ايس پي اسرار احمد بروهي ۽ ايس ايڇ او ثناءُ الله پنهور ميڊيا جي سامهون مقتوله جي وارثن سان ڳالهائيندي چيو ته قاتل کي جلد گرفتار ڪري قانون جي حوالي ڪيو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button