بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊوآدم ويجهو مڙس جي گهر ۾ مبينا زهر پيارڻ سبب عورت فوت،وارثن پاران قتل جو الزام

ٽنڊو آدم/شهدادپور (نمائندن وٽان) تعلقا ٿاڻو ٽنڊي آدم جي حد ڳوٺ مير خان بوزدار ۾ ساهراڻي گهر ۾مبينا طور زهر پيارڻ سبب ٻن ٻارن جي ماءُ سيما گل زال محمد اسحاق بوزدار فوت ٿي وئي۔ پوليس پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش مائٽن حوالي ڪيو ويو ، فوتي عورت جي والد گلشير بوزدار پنهنجي ناٺي ۽ سندس گهرڀاتين تي الزام هڻندي چيو ته ڌيءَ سيما گل کي سندس مڙس اسحاق بوزدار، ڏير محمد بوزدار ۽ سندن ڀيڻ شاهده زهر پياري قتل ڪيو آهي۔ تعلقي ٿاڻي تي 6 ڏينهن اڳ فوتي عورت جي والد گلشير بوزدار 3 جوابدارن ناٺي اسحاق بوزدار، محمد خان بوزدار ۽ سندن ڀيڻ شاهده خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو هو ته 12 ڏينهن اڳ مڙس محمد اسحاق بوزدار ۽ سندس ڀاءُ محمد خان بوزدار منهنجي ڌيءَ سيما گل کي گهر اڳيان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اڇلائي ويا هئا،۔پڇا ڪرڻ تي ڌيءَ ٻڌايو ته مڙس پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ سان گڏجي قتل جي ارادي سان زهر پياريو آھي ۔ ڌيءَ اڳ ۾ به پنهنجي مڙس، ڏير ۽ نڻان پاران مٿس تشدد ڪرڻ جون دانهون پڻ ڏيندي رهي آھي،۔ وارثن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button