بريڪنگ نيوزسنڌ

ڪراچي جي جائز وسيلن کي ڦرڻ ۽ گڏجي کائڻ جي سوچ ۽ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: سردار عبدالرحيم

ڪراچي (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آھي ته ڪراچي جي شھرين کي وڌيڪ دوکو نٿو ڏئي سگھجي، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان ھڪ سڪي جا ٻه پاڇا آهن، ھاڻي ڪراچي جي جائز وسيلن کي ڦرڻ ۽ گڏجي کائڻ جي سوچ ۽ ارادن کي ڪڏھن به پورو ٿيڻ نه ڏينداسين، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي ڊي اي جو حق آهي، اھڙن خيالن جو اظھار ھن فنڪشنل ليگ ھائوس ۾ فنڪشنل ليگ ڪراچي زون رابطه ڪميٽي جي ميمبرن، ضلعي عھديدارن ۽ فنڪشنل ليگ ونگز جي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي ڪراچي زون رابطه ڪميٽي جو ڪنوينئير بئريسٽر ارشد شر بلوچ، ڊپٽي ڪنوينئير نعيم سجاد، جمشيد خان، سيڪريٽري سر احمد علي ۽ ٻيا موجود هئا، اجلاس کي خطاب ڪندي سردار عبدالرحيم وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سندن اھم اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم پاڪستان سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي معاملي تي ڪراچي سميت سنڌ جي عوام کي وڌيڪ بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي ٻنھي جماعتن جا مفاد ھڪ آھن، ھن چيو ته ڪراچي شھر جون حالتون انتھائي خراب آھن، ھر طرف گندگي جا ڍير متل آھن، سمورا رستا کنڊر بڻجي ويا آهن، روشنين جو شھر انديري ۾ ٻڏل آهي، ھن چيو ته شھري پيئڻ جي پاڻي کان محروم آھن، واٽر بورڊ عملو پاڻي چورن ھٿان يرغمال بڻيل آهي، شھر جي مسئلن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ شھري انھن ڪرپٽ جماعتن ۽ حڪمرانن کي عام چونڊن ۾ شڪست ڏئي بدلو وٺن، عام چونڊن جي حوالي سان سردار عبدالرحيم ان ڳالھه تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ۾ شامل وزير چون ٿا ته 2017 جي آدم شماري جي بنياد تي ٻڌل ووٽر لسٽن تحت چونڊون ٿينديون اگر ايئن ٿيو ته 2017 کان وٺي 2023 تائين اضافي آبادي تقريبن اڍائي ڪروڙ ماڻھن کي ووٽ جي حق کان محروم ڪيو ويندو، ھن چيو ته موجوده حڪمرانن کي اھو اختيار ڪنھن ڏنو آهي ته فيصلو ڪن ته ڪھڙين ووٽر لسٽن جي آڌار ٿي اليڪشن ٿئي ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن پي ڊي ايم جو پاليل ٻار آھي جنھن ڪري وزير اھڙي قسم جا بيانات ڏئي رھيا آھن.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button