بريڪنگ نيوزقومي

بندش پيل ٽي ٽي پي سوڌو ٻيا دهشتگرد ٽولا ملڪي سلامتي لاءِ خطرو آهن، پاڙيسري ملڪ ۾ ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگردن جي پناهه گاهن کي نوٽ ڪيو آهي: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته اسان کي پنهنجي قومي سلامتي کي پيش ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهڻ گهرجي.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب سپهه سالار جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ 258هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي.آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته شرڪت ڪندڙن کي داخلي سلامتي جي موجوده صورتحال بابت تفصيلي طور آگاهه ڪيو ويو، فورم دهشتگردي خلاف وطن جي دفاع لاءِ بهادر سپاهين جي مسلسل قربانين کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ ان جي ٻين گروهن کي پاڙيسري ملڪ ۾ محفوظ پناهگاهن، آزاد ڪارروائين ۽ جديد ترين هٿيارن جي فراهمي کي پاڪستان جي سلامتي کي متاثر ڪرڻ جي وڏن سببن طور نوٽ ڪيو ويو. فورم قرار ڏنو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن سان ملڪي سلامتي کي خطرو آهي.فورم فوج جي آپريشنل تيارين ۽ تربيتي پهلوئن تي تفصيل سان غور ڪيو، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته اسان کي پنهنجي قومي سلامتي کي پيش ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهڻ گهرجي.آءِ ايس پي آر موجب فورم کي حڪومت جي اقتصادي بحالي جي منصوبي ۽ خاص سيڙپڪاري جي سهولت واري ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي دائري ۾ زراعت، آءِ ٽي، معدنيات ۽ دفاعي پيداوار جي شعبن ۾ فوج جي ڪردار بابت به آگاهه ڪيو ويو.شرڪت ڪندڙن عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت طرفان معيشت جي بحالي لاءِ منصوبابندي جي قدمن جي حمايت ڪنداسين ۽ پاڪستاني عوام جي مجموعي ڀلائي لاءِ هر ممڪن ٽيڪنيڪي ۽ انتظامي سهڪار فراهم ڪنداسين.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button