بريڪنگ نيوزسنڌ

مقصودو رند جي معزز شخصيت رئيس غلام حيدر رند جو ڀاءُ حاجي غلام قادر رند لاڏاڻو ڪري ويو

مقصودورند (منگي وٽان) مقصودورند جي معزز شخصيت رند برادري جو چڱو مڙس رئيس غلام حيدر رند، رئيس غلام سرور رند، فوجي غلام رسول رند جن جو ڀاءُ ۽ بينڪ مئنيجر حاجي راحب علي رند جو والد حاجي غلام قادر رند مختصر علالت بعد لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم نهايت رلڻو، ملڻو، پرهيزگار، نيڪ نمازي ۽ ملنسار طبيعت جو مالڪ هو. مرحوم جي جنازي نماز مقصودورند ڀرسان ڳوٺ مينهون خان رند ۾ مولوي عطا حسين منگي سڪندري پڙهائي جنهن ۾ سياسي سماجي شخصيتن سميت زندگيءَ جي مختلف طبقن سان واسطو رکندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم جي جسم خاڪيءَ کي مقصودورند لڳ سخي سلطان فقير لاشاري جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ڳوٺ مينهون خان رند ۾ مرحوم جو تڏو وڇايو ويو آهي. جتي پونيئرن رئيس غلام حيدر رند، رئيس غلام سرور رند، فوجي غلام رسول رند، حاجي راحب علي رند، رئيس حسين بخش رند، لطف علي رند، شاهد علي رند ۽ ٻين سان تعزيت سلسلو جاري آهي. تعزيت ڪندڙن ۾ حقير حضور بخش رند، روزاني مهراڻ جو چيف ايڊيٽر منٺار فقير مڱريو، سائينداد رند، اي ٽي او حق نواز رند، محمد ابراهيم رند، حاجي خان رند، انور علي ڀاڻوجو، محمد افضل سنجراڻي، حاجي بخش علي رند، محمد علي زرداري، سينيئر صحافي عاجز منگي، فقير علي حسن منگي، محمد مٺل وساڻ، صفر شيخ، شاد علي منگي، محمد حسن خاصخيلي، امجد عاجز منگي، مير امداد ٽالپر، حبيب الرحمان رند، استاد محمد بچل سومرو، مجيب الرحمان رند، غلام نبي ڏاهري، بشير ڏاهري، راضي فقير لاشاري، وڏيرو الله بخش ڏاهري، الطاف حسين رند، مختيار حسين رند، انور علي رند، علي گل رند ۽ ٻيا شامل آهن.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button