بريڪنگ نيوزسنڌ

محرم الحرام دوران شيعا ۽ سني امن ٻڌي، اخوت، محبت ۽ صبر جي فضا برقرار رکن: سردار عبدالرحيم

ڪراچي (بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم سان فنڪشنل مسلم ليگ مشائخ ونگ سنڌ جي ڪنوينئير مولانا محمد امين انصاري، مولانا منظر الحق ٿانوي، علامه سيد سجاد شبير رضوي، شيخ الحديث مفتي محمد دائود ۽ فيصل بلوچ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سردار عبدالرحيم چيو ته حضرت امام حسين عليه السلام اسلام جي بقا ۽ سربلندي لاءِ بيمثال قربانيون ڏنيون آهن. اڄ اسان کي اھو عھد ڪرڻو آهي ته ڪربلا جي شھيدن جي نقش قدم تي هلندي انسانيت جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنھنجا ذاتي اختلاف وساري دين جي بقا لاءِ پاڻ ۾ ڀائيچارو پيدا ڪيون. سردار عبدالرحيم وڌيڪ چيو ته اسلام ۽ ملڪ دشمن عنصر فرقيواراڻين سازشن وسيلي ملڪ جي امن امان ۽ استحڪام کي خطري ۾ وجھڻ چاھين ٿا. ان ڪري شعيا ۽ سني عالم ۽ عوام محرم الحرام ۾ امن، ٻڌي،اخوت ،محبت صبر ۽ تحمل جي فضا برقرار رکن. سردار عبدالرحيم چيو ته  مذھبي ڀائيچاري امن ۽ اتحاد قائم رکڻ لاءِ ھڪٻئي سان رابطا قائم رکڻ لاءِ مولانا محمد امين انصاري ۽ مولانا منظر ٿانوي جي سربراهي ۾ علماءِ  امن ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنھن ۾ علامه سجاد شبير رضوي ۽ مفتي داؤد شامل آهن.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button