بريڪنگ نيوزسنڌ

اسلام ڪوٽ ڀرسان مبينا زيادتي جو نشانو بڻيل نينگري ڳورهاري هئڻ جي تصديق

اسلام ڪوٽ (رپورٽ:سجاول بجير)اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ ابن جو تڙ جي رهواسي ڀڳڙو ڪولهي جي 15 ورهين جي نياڻي سان سندن ئي سئوٽ پاران زبردستي ڏاڍائي ڪرڻ وارو واقعو ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيڻ بعد ڊي آءِ جي ميرپورخاص پاران نوٽيس وٺڻ بعد گذريل ڏينهن اسلام ڪوٽ پوليس  ڏاڍائي جو نشانو بڻيل  متاثر نينگري سمجهو  ڪولهي کي اسلام ڪوٽ آڻي اسپتال داخل ڪرايو جتي نينگري جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائي  جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، انهي سلسلي ۾ ڏاڍائي جو نشانو بڻيل نينگري سمجهو اسپتال ۾ ميڊيا آڏو  دانهيندي چيو ته چار مهينا اڳ  آئون جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪرڻ وئي هئس ته بااثر جوابدار ڌنجي ڪولهي ٻن ساٿين مڪيو ۽ آسن ڪولهي جي مدد سان مون کي پڪڙيو ٻئي ڄڻا فرار ٿي ويا بعد ۾ ڌنجي مونکي زوري  زبردستي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي مون کي ڌمڪايو ته ڪنهن سان ڳالھه ڪئي ته توکي ۽ تنهنجي ماءُ پيءُ کي ماري ڇڏيندس خوف سبب آئون  خاموش رهيس، ظالم مون سان ظلم ڪري منهنجي زندگي تباھ ڪري ڇڏي آهي ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙي به نه رهي  آهيان، انهي موقعي تي  ڏاڍائي جو نشانو بڻيل نينگري جي پيءُ ڀڳڙو ڪولهي دانهيندي چيو ته بااثر جوابدار ڌنجي منهنجو سئوٽ آهي ظالم  ظلم ڪري منهنجو گهر ئي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، نياڻي چار مهينن جي ڳورهاري ٿي وئي آهي، اسان کي معاملي جي خبر به نه پئي ٽي هفتا اڳ منهنجي گهرواري رتنا  کي نينگري سڀ حقيقت ٻڌائي ته هن کان  اهو صدمو برداشت نه ٿيو ۽ هن ڦاهو کائي آپگهات ڪري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو زال جي آپگهات ڪرڻ بعد ئي  مون کي معاملي جي خبر پئي ظالم ظلم ڪري منهنجو گهر برباد ڪري ڇڏيو آهي پوليس ڪيس داخل ڪيو آهي پر جوابدار گرفتار نه ٿيو آهي ظالم  کي گرفتار ڪري  سخت سزا ڏئي  اسان سان  انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن انهي سلسلي  ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او قادر بخش بهراڻي ٻڌايو ته واقعو ميڊيا ۾ اچڻ بعد  اسان نينگري کي ليٽر ڏئي اسپتال داخل ڪرائي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو آهي، واقعي  جو جوابدار ڌنجي خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو آهي جلد گرفتار ڪيو ويندو، ٻي پاسي متاثر نينگري جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي رابطي تي ٻڌايو ته نينگري کي چار مهينن جو حمل آهي سينمپل وٺي ليبارٽي چيڪ اپ لاءِ موڪليا پيا وڃن وڌيڪ رپورٽ اچڻ بعد ئي وڌيڪ ڪجهھ ٻڌائي سگهجي ٿو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button