بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌڙي ٽائون ڪميٽي هنڱورنو جي سال 24-2023 لاءِ 14 ڪروڙ 86 لک 30790 روپين واري بجيٽ پيش

سنڌڙي (ن م) سنڌڙي تعلقي ٽائون ڪميٽي هنڱورنو جي عورت چيئرمين ڊاڪٽر رخسانا شر ٽائون ڪميٽي هنڱورنو جي 14ڪروڙ  86لک 30790روپين جي بچت واري بجيٽ پيش ڪئي، جڏهن ته خرچ 14ڪروڙ 85 لک 90552 ڄاڻايو ويو آهي سالياني 2023/24جي بجيٽ ۾ ozt  شيئر لاءِ 7ڪروڙ 92 لک 36هزار رکيا ويا آهن ملازمن جي پگهارن لاءِ 11ڪروڙ 16لک 22380 روپيا رکيا ويا آهن پينشن لاءِ 26 لک 72هزا125روپيا  رکيا ويا آهن  آفيس جا خرچ گاڏين جي مرمت  اسٽيشنري  ٽي اي ڊي اي  گٽر نالا جي صفائي  سينيٽريشن جو سامان   ڪتا مار مهم  مڇر مار مهم ۽ ٻين ننڍن وڏن خرچڻ لاءِ هڪ ڪروڙ 31لک17هزار رکيا ويا آهن جڏهن ته پريس ڪلب لاءِ هڪ لک سوشل ويلفيئر راندين لاءِ هڪ لک  قومي ڏينهن  ملهائڻ لاءِ هڪ لک  ملازمن جي ميڊيڪل لاءِ 3 لک انڪم ٽيڪس لاءِ 12لک ايمرجنسي سول ڊفينس ۽ برساتن لاءِ 7 لک گذريل سال جي هلندڙ اسڪيمن لاءِ 42 لک  رکيا ويا آهن  ترقياتي ڪمن لاءِ 97 لک  روپيا رکيا ويا آهن  بيواهه عورتن جي لاءِ سلائي مشينن جي مد ۾ 10لک روپيا رکيا ويا آهن اهڙي طرح 31238روپين جي بچت واري بجيٽ اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي بجيٽ اجلاس کي  مخالف ڌر جي حاجي خان محمد پهوڙ، نبي بخش خان شر خطاب ڪندي چيو ته اسان هر  سٺي عمل جي حمايت ڪنداسين ۽ جيڪڏهن قانون جي لتاڙ ٿي ته  اسان قانون جو رستو اختيار ڪري مخالفت ڪنداسين  بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي چيئرمين ڊاڪٽر رخسانا شر چيو ته آئون  سموري ميمبرن کي گڏ کڻي هلڻ چاهيان ٿي هي ايوان اسان سڀني جو گڏيل آهي آئون سڀني جي ٿورائتي آهيان جن متفق راءِ سان هي بجيٽ پاس ڪئي آهي اجلاس کي وائيس چيئرمين اسماعيل شيخ، غلام رسول زرداري ۽ اقليتي ڪائونسلر تنومل  مختلف تجويزون پيش ڪيون  ته برسات جي بچاءُ لاءِ قدرتي لنگھه کولرايا وڃن ۽ قبرستانن کي چوديواري ڏياري  وڃي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button