بريڪنگ نيوزسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾مختلف ڳوٺن جي بجلي بند،رهواسين جو گرڊ اسٽيشن آڏو احتجاج

اسلام ڪوٽ(ن م) اسلام ڪوٽ جي مختلف ٻهراڙي وارن ڳوٺن ڀاوي جو تڙ،وروائي،کاکڻهيار بجير،نيو سنهري درس،ٿاريو هاليپوٽا،شهمير وڪيه،سينهار وڪيه،کاکڻهيار رحم علي سميت ٻين ڳوٺن جي بجلي 36 ڪلاڪن کان مسلسل بند هجڻ خلاف ڳوٺاڻن جعفر وڪيو،سيد خادم علي شاھه، وريام لنجو، ممتاز راهمون، ڊاڪٽر اشرف بجير، نبي بخش درس، قربان بجير، ميهار بجير ۽ ٻين گرڊ اسٽيشن آڏو احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي، اُنهي موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته برسات اچڻ کان اڳ واپڊا وارا سمورن ٻهراڙي وارن ڳوٺن جي بجلي بند ڪري ڇڏيندا آهن،حيسڪو وارا چون ٿا ته فالٽ سبب اسان مجبورن ٻهراڙي جي بجلي بند ڪندا آهيون نه ته شهر جا بااثر اسان کي تنگ ڪندا آهن ۽ آفيسرن کان فون ڪرائي ڌمڪائين ٿا، اسين مجبور آهيون اگر ڳالهھ نه ٿا مڃون ته بدليون ڪرايون وينديون آهن، ڳوٺاڻن چيو آهي ته اسين سخت گرمي ۾ عذاب هيٺ گذاريون پيا،بل ادا ڪرڻ باوجود بجلي جي سهوليت کان محروم آهيون،ڪير به دانهن نه ٿو ٻُڌي،هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته ٻهراڙي ۽ شهر جا فيڊر الڳ ڪيا وڃن،هوڏانهن گرڊاسٽيشن آپريشن بلاڪ جي عملدار ٻُڌايو ته شهر جا بااثر ماڻهو اسان کي پريشرائيز ڪن ٿا ته ٻهراڙي جي بجلي بند ڪري سٽي جي چالو ڪيو،اسين نه ٿا مڃون ته هُو ايس ڊي او کان فونون ڪرائي ڌاٻا ڏيارين ٿا، اسين مجبور آهيون ڪيڏانهن وڃون،سچي ڳالهھ ڪرڻ تي بدلي جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن،اسان سان به انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button