بريڪنگ نيوزسنڌ

اسان هميشه اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جي حڪم کي لبيڪ چيو آهي: غلام دستگير راڄڙ

ورڪشاپ (ن م) فنڪشنل مسلم ليگ سانگھڙ جي صدر غلام دستڳير عرف نانو  راڄڙ پاران ورڪشاپ جي مختلف علائقن ۾ تعزيتون ڪرڻ سميت دعوتن ۾ شرڪت ڪندي چيو ته اسان  ھميشه عوام سان ڏک سک ۾ گڏ رھيا آھيون ان ڪري منھنجي دلي خواهش ھوندي آھي ته ھر ورڪر ۽ پراڻي وفادار ساٿين سميت عوام سان ھميشه گڏ رھان، اسان جو منشور ئي عوام جي خدمت ڪري ساڻن ھر ڏک سک ۾ رھڻ آھي غلام دستگير عرف نانو راڄڙ يوسي جکڙائو، يوسي جکڙائو صدرٽ ۽ يوسي شاھ سڪندرآباد جي مختلف برادري سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي فنڪشنل مسلم ليگ سانگھڙ جو آڳواڻ ملڪ امجد حسين ۽ تعلقي سانگھڙ جو جنرل سڪيٽري محمد نواز آرائين فنڪشنل مسلم ليگ سانگھڙ جو اڳواڻ  ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر طعلت حسين  پڻ گڏ ھئا جڏهن ورڪشاپ شھر ۾ ملڪ ھائوس پھتو ته شھرين پاران سندس شاندار استقبال ڪري مٿس گلن جي ورکا ڪئي انهي موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان ھميشه اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جن جي حڪم کي لبيڪ چيو آھي ۽ تڪ جي عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪندا رھنداسين پيپلز پارٽي وارن سانگھڙ ۾ اسان جي حر جماعت جي ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آھن ايترو ڪن جو سڀاڻي برداشت به ڪري سگھن، هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ وقت فنڪشنل مسلم ليگ جو ھوندو ورڪشاپ واسين جا ٿورا  مڃيندي چيو ته  ھن دور ۾ يوسي جکڙائو، يوسي گجري، يوسي شاھ سڪندرآباد، يوسي جمڙائو 15 ڪلين سويپ ڪري ڏنيو سانگھڙ جي عوام لاءِ راڄڙ ھائوس جا دروازا کليل آھن.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button