بريڪنگ نيوزسنڌ

پنوعاقل ڀرسان هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، ناري جي پلاند ۾ 2 عورتون ۽ نينگري اغوا، ٻه ڄڻا قتل

پنوعاقل (اعجاز جهنڊير) پنوعاقل سانگي ٿاڻي جي حد ڳوٺ امير بخش ڪلهوڙو تي مهر برادري جي هٿياربندن جو حملو، 2 نوجوان مارجي ويا  5 ڄڻا زخمي 2 عورتون ۽ هڪ نينگري مبينا طور اغوا مقتولن جي وارثن قومي شاهراهه تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. اسان جا ناحق نوجوان قتل ڪيا ويا آهن، ڳوٺ تي حملو ڪيو ويو، ناري جي مبينا طور نوجوان سان نڪري وڃڻ تي جهيڙو ٿيو، هٿياربند خوشي وچان فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. سانگي پوليس بيوس بڻيل رپورٽ موجب پني عاقل جي سانگي ٿاڻي جي حد ڳوٺ امير بخش ڪلهوڙو ۾  مهر برادري جي ناري ڪلهوڙا برادري جي وسيم ڪلهوڙو سان مبينا گهران نڪري وڃڻ واري مامري تان مهر برادري جي هٿياربندن جو ڳوٺ امير بخش ڪلهوڙو  تي حملو ڪري ٻن نوجو انن مرتضيٰ ۽ غفار ڪلهوڙو کي گوليون هڻي ڪري قتل ڪري 5 ڄڻن کي زخمي ڪري ٻن عورتن ۽ هڪ نينگري کي اغوا ڪري ويا. مقتولن جا لاش وارثن قومي شاهراهه گنڊو کڙي وٽ رکي ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ڪراچي کان  پنجاب ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. جتي مقولن جي وارثن جو چوڻ هو ته  اسان  جا نوجوان ناحق قتل ڪيا ويا آهن، اسان جي گهرن تي وڏي تعداد ۾ هٿياربندن حملو ڪيو. عورتن کي ٻارڙي سميت اغوا  نينگرن سميت 5 ڄڻن کي زخمي  ڪري فرار ٿي ويا. پوليس اسان جي مدد نه ڪئي، پوليس ڏوهارين جي ڪابه رستا روڪ نه ڪئي. پوليس بروقت ڪارروائي ڪري ها ته واقعو نه ٿي ها. پوليس جي لاپرواهي سبب واقعو پيش آيو آهي. پوليس پري بيٺي رهي، ڳوٺاڻن پوليس تي ڌُر ڀر جو الزام لڳايو . هوڏانهن  احمد علي ڪلهوڙو جو چوڻ هو ته منهنجي پٽ تي ناري جي اغوا جو الزام هو  مون 24ڪلاڪ  مهلت گهري هئي. هنن اوچتوحملو ڪري ٻن نوجوانن  کي قتل ڪيو . اسان جي ڳوٺ تي حملو ڪري رسول بخش  شهربانو شڪيل ۽ اعجاز جتوئي سميت 5زخمي ٿيا. هنن چيو  اسان جون عورتون بازياب ڪرائي ڏنيون وڃن ۽ قاتل گرفتار ڪيا وڃن. هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته ڌرين ۾ ناري جي گهران نڪري وڃڻ تي واقعو پيش آيو آهي، ٻه ماڻهو قتل ڪيا  ويا آهن. عورتون اغوا ڪيون ويون آهن جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا جڏهن ته جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. عورتن جي بازيابي لا۽ شرط رکيو ويو آهي. ٻئي پاسي هٿياربندن  جشن ڪيو پوليس جي سامهون فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو. علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکيڙجي ويو. هٿياربندن شهر مان گذري ڳوٺ تي حملو ڪيو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button