بريڪنگ نيوزسنڌ

مقصودو رند ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

شھدادپور(س ر) مقصودو رند ڀرسان ڳوٺ غلام ڪيريو ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 18 سالا نوجوان نعمت الله ڪيريو فوت ٿي ويو، نوجوان جي وارثن جو چوڻ ھو ته رات کان وٺي مسلسل برسات پوڻ سبب سمورو گهر پاڻي سبب گهميل هئو ۽ اسٽينڊ واري پنکي جي تار شارٽ هئڻ سبب اسان جي نوجوان کي ڪرنٽ لڳو ۽ هو بيهوش ٿي ويو، جنهن کي فوري طور نوابشاهه اسپتال کڻي وڃي رهيا هئاسين ته نوجوان رستي ۾ فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو، جڏھن ته فوتي نوجوان جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سوين آلين اکين سان سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو  ويو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button