بريڪنگ نيوزسنڌ

سانگهڙ ۾ ايل بي او ڊي ملازمن جو ايس ڊي او ۽ پي ڊي خلاف احتجاجي ڌرڻو

سانگهڙ (س ر) ايل بي او ڊي ليبر يونين جي ملازمن پاران صدر خان محمد نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ ايل بي او ڊي سانگهڙ جي ايس ڊي او مرتضيٰ ڀٽو ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر شاهنواز ڀٽو خلاف ايل بي او ڊي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي خان محمد نظاماڻي، سينگار لاشاري، حاڪم کوسو، فقير سليمان، آصف رضا ۽ٻين چيو آيل بي او ڊي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر شاھنواز ڀٽو ۽ سندس پٽ ايس ڊي او نارٿ سب ڊويزن مير مرتضيٰ ڀٽو ملي ڀڳت ڪري ٽيوب ويلن لاءِ آيل سولر پینل غائب ڪري ڇڏيا آهن ڪاغذي ڪارروائي ۾ سڀ ڪم ڏيکاريو ويو آهي سنڌ حڪومت پاران لوڊشيڊنگ دوران ٽيوب ويل ھلائڻ لاءِ 300 سولر پینل لڳائڻا ھئا انھن مان ھڪ به پينل نه لڳو آهي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي ان کانسواءِ ھيڊ جمڙائو تي پيرا ويلي اسڪيم ۾ به وڏو فراڊ ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ ملازمن آواز اٿاريو ته اسان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي ھنن چيو ته هڪ ڏينهن به ايس ڊي او ڊيوٽي تي نه آيو آهي فون تي نوڪري ھلي پئي اسان جي ملازمن کان منٿليون گھريون پيون وڃن ھنن دانھون ڪندي چيو ته پي ڊي ۽ ايس ڊي او پاران اسان کي چيو وڃي ٿو ته منٿلي نه ڏني ته اوهان جو سروس بڪ خراب ڪنداسون، اسان سنڌ جي وڏي وزير ۽ ايل بي او ڊي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪرپشن جي بادشاهه پيءُ پٽ کي هٽائي سندن خلاف انڪوائري ڪئي وڃي ۽ سولر پینل لڳرايا وڃن.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button