بريڪنگ نيوزسنڌ

نگران حڪومت لاءِ پيپلز پارٽي 3 رڪني ڪميٽي نامزد ڪئي آھي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (بيورو) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته نگران حڪومت لاءِ پيپلز پارٽي ھڪ ٽي رڪندي ڪميٽي نامزد ڪئي آھي، نگران حڪومت جي حوالي سان جيڪي به فيصلا ٿيندا، سٺا ٿيندا، ڪوشش اھا ڪئي ويندي ته غير تڪراري ماڻھو اچن ته جيئن صاف ۽ شفاف چونڊون ٿي سگھن، اسان جي اوليت صاف 7 شفاف چونڊون آھن، اپوزيشن ليڊر انڊر گرائونڊ آھي، منھنجي کيس گذارش ۽ گارنٽي آھي ته ھُو اچي ۽ پنھنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪري، کيس اسيمبلي اندر يا ٻاھر ڪجهھ به نه چيو ويندو. سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي صحافين سان ڳالھيون ڪندي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تي سنڌ سرڪار لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ متاثرن کي گھر ٺاھي ڏيڻ جو منصوبو شروع ڪيو آھي، جتي زمين جا مالڪاڻا حق لاڳاپيل خاندان جي عورتن کي ڏنا ويندا، جنھن سان عورتون وڌيڪ بااختيار ٿينديون، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي ته جيڪڏھن ايندڙ حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايندي ته بي گھر ماڻھن لاءِ ھي پروگرام باقي سمورن صوبن ۾ شروع ڪنداسين. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي ٻوڏ  متاثرن کي گھر ٺاھي ڏئي رھي آھي، ماڻھو پيپلز پارٽي کي دعائون ڏئي رھيا آھن، آبادي جو وڌڻ ملڪ لاءِ ھڪ ٻيو مسئلو آھي، جنھن لاءِ اسان کي سنجيدھ قدم کڻڻا پوندا. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وزير اعظم جي لاءِ ھر پارٽي کي پنھنجو اميدوار نامزد ڪرڻ جو حق آھي، مولانا فضل الرحمان کي به پنھنجي سياسي قدمن جو مڪمل حق آھي. جي ڊي اي بابت سوال جو جواب ڏيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جي ڊي اي جا 80 سيڪڙو ماڻھو پيپلز پارٽي سان رابطي ۾ آھي، الزام مڙھيندڙن کي الزم مڙھڻ ڏيو  پر پيپلز پارٽي سمورين سياسي قوتن کي گڏ کڻي ھلڻ چاھي ٿي، اسان کي سڀني جي لاءِ احترام آھي، شفاف چونڊن لاءِ اڻ ڌريو سيٽ اپ ھجڻ ضروري آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته نگران حڪومت جي حوالي سان جيڪي به فيصلا ٿيندا، سُٺا ھوندا، ڪوشش اھا ڪئي ويندي ته غير تڪراري ماڻھو اچن ته جيئن چونڊون صاف ۽ شفاف ٿي سگھن، پيپلز پارٽي جي اوليت رڳو صاف ۽ شفاف چونڊون آھي، اپوزيشن ليڊر انڊر گرائونڊ آھي، منھنجي کيس گذارش ۽ گارنٽي آھي ته اپوزيشن ليڊر اچي ۽ پنھنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪري، کيس اسيمبلي اندر يا ٻاھر ڪجھ به نه چيو ويندو، وڊيو بيانن سان مسئلا حل ٿي نٿا سگھن. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته زمينن جا معاملا سرڪاري قاعدن جي عين مطابق ڪيا ويندا آھن. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سب انقلاب انشااللھ پوري پاڪستان ۾ ايندو، ھن وقت اسان کي وسيلن ۽ ڪاروبار وڌائڻ جي ضرورت آھي ۽ آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته سنڌ حڪومت مردم شماري جا انگ اکر اچڻ بعد فيصلو ڪندي. ھڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته غير قانوني ڪم ڪير به ڪندو اھو غير قانوني ڪوٺيو ويندو، ٻارن کان پورھيو وٺڻ به غير قانوني ڪم آھي،پوري دُنيا ۾ ڪوبه اھڙو ملڪ ناھي جيڪو عوام جي مدد کانسواءِ اڳتي وڌي سگھي. اسٽريٽ ڪرائيم بابت ڳالھائيندي صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ سخت حڪمت عملي ترتيب ڏني آھي، ڌاڙيلن کي منھن ڏيڻ لاءِ پوليس کي جديد ھٿيار ڏنا پيا وڃن، ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪال لاءِ سنڌسرڪار جي انتظاميا ھر وقت سرگرم رھندي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته نگران حڪومت جي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪميٽي ڳالھين ۾ شرڪت جي مجاز آھي، فيصلا بھتر ۽ سٺا ھوندا ۽ غير تڪراري ماڻھو ايندا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button