تازيون خبرون
مکيه صفحو / خاص خبر / جيستائين ڪرپشن تي ضابطو نه آڻينداسين ملڪ جو ڪو ئي مستقبل نه ٿو ٿي سگهي، وڏن چورن جي ڳالهه ڪرڻ تي ڪي ماڻهو رڙيون ڪن ٿا: عمران خان

جيستائين ڪرپشن تي ضابطو نه آڻينداسين ملڪ جو ڪو ئي مستقبل نه ٿو ٿي سگهي، وڏن چورن جي ڳالهه ڪرڻ تي ڪي ماڻهو رڙيون ڪن ٿا: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان حڪومت جي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي قوم آڏو پيش ڪندي چيو آهي ته لٽيل دولت واپس آڻڻ لاءِ 26 ملڪن سان معاهدا ٿي چڪا آهن پاڪستان جا 11 ارب ڊالر انهن ملڪن ۾ موجود آهن وڌيڪ ڄاڻ ورتي پئي وڃي جيستائين ڪرپشن تي ڪنٽرول نه ٿيندو ملڪ جو ڪوئي مستقبل نٿو ٿي سگهي نيب اسان جي ماتحت نه آهي جڏهن وڏن چورن جي ڳالهه ڪيان ٿو ته ڪجهه ماڻهو رڙيون ڪري چون ٿا ته جمهوريت خطري ۾ آهي نيب هڪ آزاد ادارو آهي نيب ۾ ڪوئي پٽيوالو به اسان ڀرتي ناهي ڪرايو نيب جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي ان جا ذميوار اسان نه آهيون نيب سميت سڀني کي تنقيد برداشت ڪرڻ گهرجي وسل بلور ايڪٽ به آڻي رهيا آهيون جنهن تحت ڪوبه ڪنهن اداري ۾ ڪرپشن جي نشاندهي ڪندو ته ان کي رڪوري جو 20 سيڪڙو ڏنو ويندو اسلام آباد ۾ مافيا قبضي مان 350 ارب رپين جي زمين آجي ڪرائي 40 لک ٻارڙن ۽ مائرن کي خوراڪ ڏني غريبن لاءِ اخوت پروگرام تحت 5 ارب رپيا ڏنا ويا آهن جنهن جي ذريعي غريبن لاءِ گهر ٺهي سگهندا پاڪستان ۾ هر غريب انسان کي صحت ڪارڊ ڏنو ويندو ننڍي آبادگار لاءِ لاهور ۾ وڏي سبزي منڊي جو افتتاح ڪنداسين 70 هزار شاخن کي پڪو ڪنداسين جن مان ڀاشا ڊيم کان وڌيڪ پاڻي آبادگارن کي ملندو بلوچستان ۾ فشريز جي شعبن کي هٿي وٺرائي بهترين ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو پاڪستان ۾ گانگٽ جي واڌ ويجهه جا بهترين موقعا آهن ايڪسپورٽ ۾ بهتري، سيڙپڪاري جا نوان موقعا ناڻي روانگي ۽ ٽيڪس سڌارن ۾ بهتري نه آئي ته هر 2 کان چئن سالن کان پوءِ آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻُو پوندو قومي سياحتي شعبو جوڙيو ويو آهي اهڙيون قانوني ترميمون ڪيون وينديون جنهن تحت عدالتن کي هڪ کان ڏيڍ سال اندر فيصلو ڪرڻو پوندو بيوه کي انصاف ۽ عورتن کي وراثتي حقن جي تحفظ لاءِ قانون آڻينداسين قانوني ترميم جي ذريعي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي پاڪستان ۾ اثاثن کي تحفظ حاصل هوندو جڏهن ته ليگل ايڊ اٿارٽي جي ذريعي غريب ماڻهو وڪيل جون سهولتون حاصل ڪري سگهندو جيڪا سهولت بلڪل مفت هوندي خميس تي 100 ڏينهن منصوبي جي سلسلي ۾ ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ نئين پاڪستان جو بنياد رکي ڇڏيو جي عنوان سان خاص تقريب کي خطاب ڪندي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي جو ڪريڊٽ بشريٰ بي بي کي ڏيان ٿو ۽ کيس خراج تحسين پيش ڪيان ٿو ڇو ته 100 ڏينهن ۾ صرف هڪ موڪل ملي ۽ ان دوران هن مون سان وڌ ۾ وڌ ساٿ ڏنو. هن چيو ته جڏهن ڪنهن تي ظلم ڏسان ٿو ته ڪاوڙ لڳي ٿي ته ڇا ٿي رهيو آهي جنهن تي بشريٰ بي بي چوندي آهي ته اوهان وزيراعظم آهيو عمران خان چيو ته 22 سال اپوزيشن ۾ رهي هاڻي مون کي ٻڌائڻو پوي ٿو ته وزيراعظم آهيان عمران خان چيو ته انسان جي هٿن ۾ رڳو ڪوشش آهي ۽ نيت جيڪا الله ڄاڻي ٿو ڪاميابي الله ڏي ٿو.1

 

ھي به ڏسو

اولاد کي تعليم ڏيارڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيو، خاص ڪري نياڻين جي تعليم تي ڌيان ڏيو: اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا

کپرو (رپورٽ: الهڏنو راڄڙ) حر جماعت جو روحاني پيشوا اعليٰ حضرت پير سيد صبغت الله …

قانون جو احترام ڪريو ۽پاڙيوارن سان سٺو سلوڪ رکو: اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا

کپرو (رپورٽ: الھڏ نو راڄڙ ) حر جماعت جو روحاني پيشوا اعليٰ حضرت پير سيد صبغت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے