تازيون خبرون
مکيه صفحو / اڄ جي اخبار / بين الاقوامي / آئيڊياز سان دفاع جي شعبي سميت گڏيل واپار ۽ تعاون جي ماحول کي هٿي ڏيڻ جوڳا موقعا مليا آهن: وڏو وزير

آئيڊياز سان دفاع جي شعبي سميت گڏيل واپار ۽ تعاون جي ماحول کي هٿي ڏيڻ جوڳا موقعا مليا آهن: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آئيڊياز سان نه رڳو دفاع جي شعبي ۾ ٿيندڙ ايمرجنگ ٽيڪنالاجي ترقي کي ڏسڻ جو موقعو مليو آهي پر انهيءَ سان گڏيل واپار ۽ تعاون جي ماحول کيهٿي ڏيڻ جا جوڳا موقعا مليا آهن. وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه اها ڳالهه گذريل ڏينهن آئيڊياز ڪراچي ايئر شو جنهن جو اهتمام نشانِ پاڪستان سي ويو تي ڪيو ويو کي خطاب ڪندي ڪئي. هن ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙن جنهن گهڻي محنت ۽ لگن سان پرفارم ڪيو کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اڄ اسان جو يقين وڌيڪ پختو ٿي ويو آهي ته اسان جي هٿياربندفوجون هر قسم جي چيلينج ۽ خطرن کي نه فقط منهن ڏئي سگهن ٿا پر ان کي ناڪام بڻائڻ جي صلاحيت پڻ رکن ٿا. هن سڀني اسٽيڪ هولڊرز سميت پاڪستان نيوي کي آئيڊياز 2018 جي ڪامياب ڪوٺائڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته نمائش ۾ شرڪت لاءِ اسان جا دوست ملڪن مان ايندڙ مهمانن جي هتي موجودگي اسان سڀني لاءِ قابل فخر ۽ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته آئيڊياز 2018 جي ڪامياب ڪوٺائڻ سان پوري دنيا کي اهو پيغام ويندو ته پاڪستان هڪ پرامن ۽ محبت ڪندڙ جمهوريت پسند ملڪ آهي. مراد علي شاهه چيو ته دفاعي نمائش آئيڊياز، دفاعي هٿيارن ۽ مشينري جي نمائش لاءِ هڪ پليٽ فارم آهي. هن چيو ته آئيڊياز سان نه فقط اهو ته دفاع جي شعبي ۾ ايمرجنگ ٽيڪنالاجي ترقي ڏسڻ جو موقعو آهي بلڪه انهيءَ سان باهمي تجارت ۽ تعاون جي فضا کي هٿي ملي آهي.هن چيو ته اسان جو چائنا سان ڳانڍاپو 70 سالن تي ٻڌل آهي جيڪو اڄ نئين بلندين ۽ جهتن کي ڇُهي رهيو آهي. هن چيو ته سي پيڪ تي ڪم ڀرپور طريقي سان جاري آهي ۽ انهيءَ سان خطي بالخصوص پاڪستان ۾ تجارت جي سرگرمين کي هٿي ملندي. هن چيو ته پاڪستان نيوي جي بهترين ڪارڪردگي ۽ ذميداراڻي صلاحيتن ڪارڻ گوادر بندرگاهه جي قيام کي حقيقت ملي. هن چيو ته پختو يقين آهي ته پاڪستان جي مسلح فوج پنهنجيون سموريون ذميواريون احسن طريقي ۽ محنت سان ادا ڪندي. هن چيو ته تقريباً ڏيڍ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان پاڪستان دهشتگردي جي خلاف هڪ ڊگهي جنگ وڙهي آهي ۽ دهشتگردي جو خاتمو آندو آهي ۽ پاڪستان ڪيترائي آپريشن ڪيا آهن. هن چيو ته اسان جي ملڪ جو امن ۽ خوشحالي جو دهشتگردن ۽ انهن جي ماسٽرن هاءِ جيڪ ڪرڻ ڪوشش ڪئي آهي پر اسان جي دفاعي فوج جنهن پٺيان پوري قوم بيٺي آهي انهيءَ بهادري سان انهن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ انهن ملڪ ۾ امن کي بحال ڪيو آهي.1

 

ھي به ڏسو

ڊيم فنڊ جو هڪ روپيو به ٻي ڪم تي خرچ نه ٿيندو، ان رقم تي ججن ۽ سپريم ڪورٽ جو به احتساب ٿيندو: چيف جسٽس

اسلام آباد(م-ڊ)چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته ڊيم فنڊ جو هڪ …

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان صحافي جمال خاشقجي جي قتل جو حڪم ڏنو: سي آءِ اي جاچ رپورٽ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪا جي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي پنهنجي جاچ کانپوءِ ان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے