بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌ حڪومت سنڌ ۾ 21لک گھر سروي ڪيا جنھن لاءِ ڇھه سئو ارب رپين جو پيڪيج ڏنو آھي: امتياز احمد شيخ

شڪارپور(اين اين آءِ)شڪارپور ۾  حڪومت  سنڌ نوي ھزار گھرن جي تعمير لاءِ ڇويھ ارب مختص ڪيا آھن ، ھن سال جي آخر تائين چوويھه ھزار  سيلاب متاثرين کي گھر جي پلاٽن جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر تقريب کي ضلع چيئرمين ذوالفقار خان ڪماريو ، پ پ پ اڳواڻ بابل خان ڀيو ، سرسو چيئرمين محمد ڏتل ڪلھوڙو ۽ ٻين خطاب ڪيو . شڪارپور ۾ سنڌ حڪومت پاران گذريل سال جي ٻوڏ متاثرين ۾ گھرن جي تعمير لاءِ پلاٽن جا مالڪاڻا حقن جي سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪرڻ جي تقريب ٿي گذري. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ چيو ته گذريل سال جون برسات عوام تي تمام وڏي مصيبت آندي جنھن ۾ سنڌ اندر ڏيڍ ڪروڙ ماڻھو متاثر ٿيا تنھن باوجود سنڌ سرڪار ھر ماڻھو وٽ پھتي۽ انھن کي ريسڪيو ڪيو ويو ۽ کين کاڌو ، راشن ، علاج جون سھولتون ڏنيون ويون . ھن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ريليف ڪميٽي جو کيس انچارج مقرر ڪيو ھو ۽ ھن ساڻس سڄي لاڙڪاڻي ڊويزن جا دورا ڪيا ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو ھزارين روڊن تي ويٺل ماڻھن سان ملاقات ڪئي ۽ کين دلجاءِ ڏنائون . صوبائي وزير چيو ته ماڻھن جي ھن مصيبت جي حل لاءِ چيئرمين ڪراچي کان جنيوا تائين ڪانفرنسون ڪوٺايون ۽ يو اين جي سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان وٺي آيو ۽ عوام کي ريليف ڏيارڻ لاءِ وڏي رقم جو بندوبست ڪيو . ھن چيو ته سنڌ اندر ايڪويھه لک گھرن جي سروي ڪئي ويئي آھي جنھن لاءِ سنڌ حڪومت پاران صرف گھرن جي تعمير لاءِ ڇھه سئو ارب مختص ڪيا آھن جن جي تعمير جو عمل شروع ٿي چڪو آھي . تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشمر شڪارپور ابرار جعفر چيو ته گذريل برساتن عوام جي اھنجن ۽ تڪليفن جو اکين ڏٺو گواھ آھي جنھن ۾ ٻاويھه آگسٽ تائين چار سئو ڇٽيھه ملي ميٽر برسات ٿي جنھن سبب شھرن توڙي زرعي زمينن ۾ ٽي کان چار فوٽ پاڻي بيٺل ھو ، ھڪ سئو تيرنھن ماڻھو فوت ٿيا ۽ ھڪ لک ٽيونجاھ ھزار  ايڪڙ زرعي فصل تباھ ٿيو . چارلک ماڻھو متاثر ٿيا ، ھڪ سئو ايڪيتاليھه ريليف ڪيمپون قائم ڪيون جنھن ۾ اٺٽيھه ھزار ماڻھو ترسايا. ان سڄي صورتحال ۾ بروقت سٺ ھزار راشن بيگ ، ڪيمپن ۾ کاڌو  پھچايو ، ضلعي مان پاڻي ڪڍرايو ، فوتين ۽ زخمين کي معاوضو ڏنو ويو ، ٻج ۽ ڀاڻ جي مد ۾ ھارين ۾ رقم تقسيم ڪئي ۽ ھاڻي گھرن جي تعمير لاءِ نوي ھزار گھرن جي تعمير لاءِ سروي مڪمل ڪئي آھي ۽ اڄ گھرن جي مالڪاڻا حقن لاءِ پلاٽن جون سندون تقسيم ڪري رھيا آھيون. چويھه ھزار ماڻھن کي ھن سال جي آخر تائين مالڪاڻا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا. تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل شڪارپور ذوالفقار خان ڪماريو ، پ پ پ اڳواڻ بابل خان ڀيو چيو ته اسان ڊسٽرڪٽ انتظاميه سان ملي ڪري عوام جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاھ شڪارپور جي عوام جي سار لڌي ھزارين ٽينٽ ۽ راشن بيگ موڪليا ۽ اڄ شھيد راڻي جي خيال تحت عورتن کي گھر جو مالڪ بنائڻ لاءِ سندون جاري ڪرايون آھن. تقريب کي خطاب ڪندي مقامي عورتن مھناز مھر ، نسيم کوسو ۽ امان سچان چيو ته بلاول ڀٽو جا شڪر گذار آھيون جنھن اسان کي ھي سندون ڏيئي گھر ٺھرائي ڏيئي رھيو آھي، ھنن چيو ته پ پ حڪومت عورتن جي لاءِ وڏا ڪم ڪيا آھن انڪري آئيندھ اليڪشن ۾ ھو ڀرپور جدوجھد ڪري چيئرمين بلاول ڀٽو کي وزيراعظم چونڊرائينديون . تقريب کي سرسو سي اي او محمد ڏتل ڪلھوڙو پڻ خطاب ڪيو،1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button