بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌو درياھ ۾ پاڻيءَ جو چاڙھ ،شينڪ بند ٽٽڻ ڪري اٽڪل 500 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ

گهوٽڪي (امان الله چارڻ) گهوٽڪي سنڌو درياھ ۾ پاڻيءَ جو چاڙھ ،شينڪ بند ٽٽڻ ڪري اٽڪل 500 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ، آبپاشيءَ جو ڪو به ڪامورو لڙي نه ويو،گذريل آچر ڏينهن بند کي پيل گهارو بند نه ٿيو، هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباھ هزارين ماڻهو توڙي معصوم ٻار، مرد، عورتون ،چوپايو مال پاڻي ۾ ڦاٿل ،معصوم ٻار بک وگهي مرڻ گهڙي تي پهتا ،گهوٽڪي جو ڪو به چونڊيل نمائيندو توڻي ڪامورو واقعي واري هنڌ نه پهتو، گهوٽڪي ويجهو قادرپور سنڌو درياهه ۾چاڙهه کان پوءِ ڪچي مان ڳوٺاڻن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي، گهوٽڪي ويجهو سنڌو درياءَ جي اولڊ قادرپور شينڪ بند کي گهارو، سوين ڳوٺ ٻڏي ويا، لڏپلاڻ، رپورٽ موجب گهوٽڪي ڀرسان سنڌو درياءَ جي اولڊ قادرپور شينڪ بند کي 2 سئو فوٽ جو گهارو پئجي ويو، سوين گهر پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ هزارين ايڪڙن تي مشتمل فصل ٻڏي ويو، انتظاميا گهاري واري هنڌ نه پهتي، سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ اضافو ٿيڻ بعد قادرپور اولڊ شينڪ بند پاڻي جو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهو ۽ ڳوٺ ابل خير چاچڙ وٽان بند کي 2 سئو فوٽ گهارو پئجي ويو جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺ موسو خان لولائي،ڳوٺ شمن لولائي،ڳوٺ ڄام الهڏنو بلو چاچڙ،ڳوٺ غلام رسول چاچڙ،ڳوٺ قاسم اوڳاهي ڳوٺ دليل اوڳاهي،ڳوٺ ٽنڊڻ چاچڙ،ڳوٺ خيري چاچڙ، ڳوٺ رئيس اختيار چاچڙ، ڳوٺ ٻيلو چاچڙ، ڳوٺ ابل خير چاچڙ، ڳوٺ سائينداد چاچڙ،ڳوٺ ٻڍو چاچڙ،ڳوٺ سعيد جاگيراڻي ، ڳوٺ علي حسن جاگيراڻي، ڳوٺ اسلام چاچڙ،ڳوٺ خير محمد چاچڙ،ڳوٺ قبول چاچڙ،ڳوٺ احمد ميراڻي،ڳوٺ الهجيوايو سندراڻي،ڳوٺ جان محمد چاچڙ، سميت ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا جن جو پڪي سان رابطو ٽٽي ويو ڳوٺاڻن موجب ته بند ٽٽڻ باوجود انتظاميا گهاري واري هنڌ ناهي پهتي ۽ ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت پڪي تي سامان ڪڍي منتقل ٿي رهيا آهن ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ضلعي انتظاميا اطلاع باوجود بند کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ ناهن ورتا ڳوٺاڻن آبپاشي کاتي جي ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڪشمنر گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي فوري طور پاڻي ۾ ڦاٿل ڳوٺاڻن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري گهاري کي بند ڪيو وڃي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي آبپاشي کاتي جي عملدارن جو چوڻ هو ته اولڊ شينڪ بند ذميداري بند آهي جيڪو درياءَ جي اندر آهي ظاهر آهي پاڻي جي وهڪرن ۾ اضافو ٿيڻ بعد بند تي پاڻي جو دٻاءَ وڌيو آهي، جنهن سبب بند کي گهارو پيو آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button