بريڪنگ نيوزسنڌ

ڪارونجهر جي نيلامي خلاف ننگرپارڪر ۾ عوامي تحريڪ جي سڏ تي ريلي، ڌرڻو

مٺي  (اياز ڪنڀار) عوامي تحريڪ ،سنڌي هاري تحريڪ پاران ننگرپارڪر ۾ هزارين عورتن ۽ مردن جي ” ڪارونجھر بچايو – سنڌ بچايو “ريلي ڪڍي ويئي.  ريلي ۾ عورتن، مردن، ٻارڙن، هارين، مزدرون، شاگردن،اديبن، شاعرن، ليکڪن، صحافين ۽ سنڌ جي محب وطن ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.  ريلي ۾” تو سنڌ کپائي – زرداري “، ”ڪارونجھر جي نيلامي – نامنظور “،” ڪارونجھر کڻي ويا – قبضا گير “جھڙا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا.  ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار اخبارن ۾ اشتهار وسيلي ڪارونجھر کي نيلام ڪرڻ جو سنڌ دشمن منصوبو جوڙيو آهي. پيپلز پارٽي سرڪار سنڌي عوام جي گڏيل آواز جو ازالو ڪرڻ بدران ڪارونجھر سميت سنڌ جي ثقافتي ماڳن کي نيلام ڪرڻ جا ٽينڊر جاري ڪري پئي. ڪارونجھر سنڌ جي تاريخي ثقافتي ورثي سان گڏ ننگرپارڪر سميت آس پاس جي سموري علائقي جي ماڻھن جو وڏي ۾ وڏو معاشي ذريعو آهي. ڪارونجھر جبل علائقي جي ٻين جاندارن لاءِ محفوظ پناهگاهه آهي. ڪارونجھر جي ڪٽائي سان نه صرف علائقي جي لکين ماڻھن جو معاشي نقصان ٿيندو بلڪه ان سان گڏ ٻين ساهوارن جاندارن جو وجود پڻ خطري ۾ پئجي ويندو. ڪارونجھر جي نيلامي وارو ٽينڊر فوري طور تي رد ڪيو وڃي. ڪارونجھر سنڌ جي قومي ملڪيت آهي. ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ سنڌ صوبي جي اختيارين ۾ جيڪي وسيلا، ادارا آيا آهن انھن کي بھتر نموني هلائڻ بدران پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت انھن سڀني وسيلن کي نيلام پئي ڪري. ڪارونجھر جبل جي نيلامي واري اشتھار کي غيرقانوني قرار ڏئي سنڌ اسيمبلي مان ايڪٽ پاس ڪري ڪارونجھر کي ڪنھن به قبضي مافيا جي چنبي کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته سنڌ حڪومت ڪارونجھر جي ڪٽائي جو فيصلو ڪري ننگرپارڪر ۽آس پاس جي لکين هاري پورهيت عوام کي دربدر ڪرڻ جو خطرناڪ منصوبو جوڙيو آهي. سنڌ حڪومت جي وزيرن، مشيرن، صلاحڪارن ۽ وڏيرن کي جي عوام ان بنياد تي ووٽ ڪو نه ڏنو هيو ته هو اسيمبلين ۾ ويھي سنڌ جي وسيلن، ثقافتي ماڳن کي نيلام ڪندا. پيپلز پارٽي سرڪار ڪارونجھر جي نيلامي وسيلي سنڌي قوم سان تاريخي غداري ڪئي آهي. تاريخ ۾ پيپلز پارٽي جا وڏيرا وطن جي غدارن ۽ ڌارين حملي آور سهولتڪار طور لکيا ويندا. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته ڪارونجھر جبل نه فقط سنڌ جي قديم تمدني تاريخ جو اهڃاڻ آهي پر ڪارونجھر هن ڌرتي جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ جي اهم تاريخي ماڳن مان هڪ ماڳ آهي. يونيسڪو کي گھرجي ته ڪارونجھر جبل کي عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏئي ڪارونجھر جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. سنڌ حڪومت ڪارونجھر جبل سميت سنڌ جي معدني وسيلن، تاريخي، ثقافتي، سياحتي ماڳن، زمينن، تيل، گئس ،ڪوئلي سميت سنڌ جي سمورن قدرتي وسيلن کي مال غنيمت سمجھي لٽي رهي آهي. ملڪ کي ڪارو سون ڪوئلو ڏيندڙ ٿر جو عوام ايڪيهين صديءَ ۾ به بجلي، پاڻي گئس، تعيلم، صحت سميت هر بنيادي سهولت کان محروم آهي. ڪروڙين رپين جي بجيٽ سنڌ سرڪار ۾ ويٺل وڏيرن ۽ ڪامورن جي ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو چيو ته سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي جي وزير شرجيل ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪارونجھر سميت سنڌ جي وسيلن کي لٽڻ جو نادر شاهي فرمان جاري ڪيو آهي. سنڌ جا ڪروڙين محب وطن ماڻھو شرجيل ميمڻ سميت سنڌ حڪومت کي اهو پيغام ڏين ٿا ته ساه جي آخري گهڙين تائين سنڌ جو عوام ڪارونجھر سميت پنهنجي وسيلن جي مالڪي لاءِ ويڙه ڪندو. سنڌ پيپلز پارٽي جي ڪنھن به پير، مير يا ڀوتار جي جاگير ناهي. ناليواري ليکڪ دستگير ڀٽي چيو ته زرداري ٽولي سنڌ وڪڻي ڇڏي آهي. زرداري مافيا سنڌ کي ماڪڙ جيان کائي وئي آهي. عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ کي جس هجي جن ڪارونجھر پهچي ڪارونجهر جي مالڪي ڪئي آهي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عمرہ سمون چيو ته زرداري مافيا سڄي سنڌ کي ڦري، لٽي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي زمينن، سنڌ جي شهرن، سنڌ جي معدني وسيلن، سنڌ جي سامونڊي پٽي سميت سنڌ جو انچ انچ پيپلز پارٽي جي غدار وڏيرن نيلام ڪري ڇڏيو آهي. ضياء الحق جي قھري مارشل لا، مشرف جي ايمرجنسي، ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ، گريٽر ٿل ڪئنال، ٻيٽن تي قبضي ۽ ڀاشا ڊيم خلاف تاريخي تحريڪن جيان پيپلز پارٽي جي انھن سنڌ دشمن منصوبن خلاف به هزارين سنڌياڻيون رڪ جي ديوار بڻجي بيهي رهنديون. عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر ايڊوڪيٽ ديوت رائي چيو ته ٿر پاڪستان جي معاشي ترقي جو وڏو ذريعو آهي پر ٿر جو عوام بدحالي جو شڪار آهي. علائقي جي چونڊيل نمائندن ٿر کي اوڙاه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. ڪارونجھر سنڌ جي سونهن آهي. سنڌ جو عوام ڪارونجهر تي ميري اک برداشت نه ڪندو. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ چيو ته ڪارونجهر جي نيلامي خلاف سنڌ جي اديبن، شاعرن، قلمڪارن کي اڳيان اچڻ گهرجي. ريلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ وسند ٿري، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زرقا ھاليپوٽو، عوامي تحريڪ اڳواڻ اوڀايو جوڻيجو، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر مصطفي چانڊيو، سنڌي هاري تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر ڪلتار ميگهواڙ، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ديال صحرائي، سرمد راڄپر، اي بي چارو، اياز جمال چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن سرڪت ڪئe.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button