بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊو مٺا خان ۾ دڪان مان هزارين رپيا چوري، احتجاجي مظاهرو، شٽر بند هڙتال

چوٽياريون (رپورٽ علي اڪبر جوڻيجو) چوٽياريون  ٿاڻي جي حد ۾ چورين جو آزار وڌي ويو رات دير سان ٽنڊو مٺاخان شھر ۾ ٻڍو ڳاهو جي دڪان مان  هزارين روپين جو سامان ۽ روڪ رقم نامعلوم چور چوري ڪري فرار دڪاندارن پاران شٽر بند هڙتال ڪئي وئي ۽ ٻڍو ڳاھو  ميانداد ڪيريو غلام حيدر ڪيريو ۽ ٻين  جي اڳواڻيء ۾  ٽنڊومٺا خان جي سورهيه بادشاه چوڪ تي شھرين ۽ دڪاندارن پاران احتجاج ڪيو ويو احتجاج  دوران ٽريفڪ جام ٿي وئي احتجاج ڪندڙن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان روز روز جي چورين مان بيزار ٿي ويا آھيون اسان جو مسعلو حل نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو وڌائينداسين ٻئي طرف  ايس ايڇ او چوٽياريون پاران چوري جي معاملي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ تي احتجاج ختم ڪيو ويو ايس ايڇ او چوٽياريون صحافين کي موقف ڏيندي چيو ته جلد جاچ ڪري اصل چور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻينداسين چورن ۽ سماجي برائين ڪندڙن خلاف سخت قانوني قدم کڻنداسين.0

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button