بريڪنگ نيوزسنڌ

سيوهڻ ڀرسان سم نالي ۾ وهنجندي 2 شاگرد ٻڏي فوت

سيوهڻ (ن م) سيوهڻ جي ڳوٺ جان محمد ڀٽي جي سامهون سم نالي ۾ وهنجندي 2 اسڪولي نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويا .مقامي ٽوٻن جي مدد سان 4 ڪلاڪن بعد 2 نوجوان جا لاش ڳولي ڪڍيا ويا .فوتي نوجوانن جي سڃاڻپ منصور ولد محمد خان ملاح ويٺل جان محمد ڀٽي نائون ڪلاس پڙھندڙ .حب علي ولد مختيار ملاح ويٺل جان محمد ڀٽي فرسٽ ايئر يارهين ڪلاس ۾پڙھندڙ ,4 ڪلاڪن بعد  وڏيرو خميسو ملاح ۽ منظور احمد ملاح جي اڳواڻي ۾  20  کان وڌيڪ مقامي ٽوپن صاحب ملاح محمد بچل ملاح. عباس ملاح  ۽ سندس ساٿين ڳولا ڪري لاش  ڪڍيا  فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي سيد عبدالله شاھ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ آندا ويا .ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا .ٻنهي نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button