بريڪنگ نيوزسنڌ

نگران وزيراعظم جي لاءِ ڪنهن جو به نالو فائنل ناهي ٿيو، مقرري آئين مطابق ڪئي ويندي: مريم وارنگزيب

اسلام آباد (م ڊ)  سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو آهي ته ميڊيا جي ڪجهه سيڪشنز ۽ اڄ جي اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ خبرن ۽ افواهن جي ابتڙ، وزيراعظم اڃا تائين نگران وزيراعظم لاءِ ڪنهن به اميدوار جي چونڊ يا رد نه ڪئي آهي. هن چيو ته نگران وزيراعظم جي چونڊ آئين ۾ ڏنل طريقيڪار موجب ڪئي ويندي، نگران وزيراعظم حڪومت ۾ شامل سمورن اتحادي پارٽين سان صلاح مشورا ڪندو ۽ سڀ کان مناسب اميدوار لاءِ مسلم ليگ ن جي قائد محمد نواز شريف کان رهنمائي حاصل ڪندو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو آهي ته اتحادين سان صلاح مشوري کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف مخالف ڌر جي اڳواڻ سان مشاورت ڪندي ان معاملي تي آئين موجب فيصلو ڪندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button