بريڪنگ نيوزقومي

صدر پاران نائب چيني وزيراعظم کي پاڪستان لاءِ خدمتون نڀائڻ تي هلال پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو ويو

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ڊاڪٽر  عارف علوي چيني صدر شي جن پنگ جي خاص نمائندا، چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي سينترل ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ نائب وزيراعظم هي لي فينگ کي پاڪستان لاءِ خاص خدمتن تي هلال پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو سومر تي چين جي نائب وزيراعظم کي اعزاز ڏيڻ لاءِ هڪ تقريبه ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي جتي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس هلال پاڪستان جو اعزاز عطا ڪيو وزيراعظم محمد شهبازشريف چيئرمين سينيٽ محمد صادقسنجراڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪابينه جا ميمبر چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي هٿياربند فوجن جا سربراهه چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ سان گڏ پاڪستان جي دوري تي آيل وفد جي ميمبرن سميت اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button