بريڪنگ نيوزقومي

معدنياتي منصوبا عوام جي ترقي جا اهم ڏاڪا آهن،اسان کي گڏجي ملڪي معيشت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي:آرمي چيف

اسلام آباد(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته معدنياتي منصوبا عوام جي ترقيءَ جا اهم ڏاڪا آهن، سامونڊي پٽي کان ميداني علائقن تائين ۽ برف سان ڍڪيل جبلن کان ريگستان تائين پاڪستان ۾ هر شيءِ موجود آهي آرمي چيف جنرل عاصم منير اسلام آباد ۾ پاڪستان منرلز سمٽ کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته  پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ لڪيل خزانا دريافت ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا، ملڪ ۾ سيڙپڪاري دوست نظام يقيني بڻائينداسين هن چيو ته  اهڙو نظام ضروري آهي جتي آسان شرط هجن ۽ غير ضروري التوا کان بچي سگهجي، خدا به انهن جي مدد ڪري ٿو جيڪي پنهنجيون حالتون تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اسان پاڪستان کي ترقيءَ جي دڳ تي آڻڻ چاهيون ٿا  پنهنجي خطاب دوران آرمي چيف قرآن پاڪ جي آيت ۽ علاما اقبال جو شعر به پڙهيو، تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه به شرڪت ڪئي  وزيراعظم شهباز شريف خطاب ڪندي چيو ته ٿر ڪول دنيا جي ڪوئلي وارن وڏن منصوبن مان هڪ منصوبو آهي، ماضيءَ جي غلطين مان سبق سکي اسان کي اڳتي وڌڻو آهي

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button