بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدر آباد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي ڪارونجهر جي نيلامي خلاف احتجاج

حيدرآباد (رپورٽ: فاضل چنا)سنڌي ادبي سنگت سنڌ  جي مرڪزي سڏ تي سنگت ضلعي حيدرآباد جي شاخن پاران سنڌ جي سڃاڻپ ڪارونجهر جبل جي نيلامي خلاف اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھري ۾ شامل اديبن کي ھٿ ۾ بينر ھئا ۽ اھي ڪارونجهر جي نيلامي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاھري جي اڳواڻي سنڌ سنگت جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي، اڪبر سومري، مولابخش محبتي، سيد زوار نقوي، عبدالله ڪوھستاني، سليم چنا، احساس ميرل، نظير ملڪاڻي، شاڪر عزيز سيتائي،گلشير ڪوريجي، عبداللطيف ملاح ۽ ٻين ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ قرار ڏيڻ ۽ ورلڊ ھيريٽيج ڪيو وڃي. هنن چيو ته تاريخ، تھذيب، مقدس تيرٿن، ناياب جھنگلي جيوت ۽ مورن جو مسڪن آھي. ھي جبل دنيا جي حسين جبلن مان ھڪ آھي جنھن مان ساڙڌرو، گوڙڌرو، ڀٽياڻي ۽ ٻيون نئيون وھن ٿيون. ھن جبل ۾ روپلي ڪولھي ۽ سندس ساٿين 1859ع تائين انگريز سامراج جا پير کپڻ نه ڏنا. ھي جبل گگرال، ڪونڀٽ، روھيڙي ۽ ٻين قيمتي وڻن کي پنھنجي دامن ۾ سلامت رکيو اچي ٿو. ھن جبل جي پٿر گرينائيٽ وغيره جي ڪٽائي ۽ نيلامي  جا ٽينڊر ۽ اشتھار جاري ڪرڻ سنڌ جي ھن عظيم ورثي جي خلاف سازش آھي جيڪا سنڌ جا ماڻھو ناڪام ڪندا.مظاهري ۾ شامل اديبن کي هٿ ۾ بينر هئا اهي ڪارونجهر جي نيلامي خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button