بريڪنگ نيوزسنڌ

ساس مقصودو رند پاران ڪارونجهر جي نيلامي خلاف احتجاج

مقصودو رند (ن م) سنڌ جي قومي ورثي ڪارونجھر جي نيلامي خلاف سنڌي ادبي سنگت شاخ مقصودو رند پاران سيڪريٽري امجد عاجز منگي جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن امجد عاجز منگي، گلزار علي لاشاري، ڪاشف شاد منگي، اياز علي خاصخيلي، محمد امين سومرو، جانب خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته ڪارونجھر سنڌ جو قومي ورثو آهي. ڪارونجھر جي نيلامي ڪنهن به صورت ۾ منظور ناهي. ڪارونجھر صرف جبل يا پهاڙ ناهي پر سنڌ جي صدين جي تاريخ جو ثبوت آهي. احتجاجي مظاهري ۾ ڪارونجهر جي نيلامي نامنظور جا نعرا هنيا ويا.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button