بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد پوليس جي ڪارروائي، 11 ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ، منشيات ڊيلر گرفتار

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)حيدرآباد پوليس پاران ڪاروائي دوران منشيات ڊيلر کي گرفتار ڪري 11 ڪلو کان وڌيڪ چرس ھٿ ڪرڻ جي دعوي، اي سيڪشن پوليس گشت دوران ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي منشيات ڊيلر مختيار علي شيخ کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي،پوليس دعوي موجب گرفتار منشيات ڊيلر جي قبضي مان 11 ڪلو 840 گرام چرس ھٿ ڪئي وئي، پوليس جو چوڻ ھو ته گرفتار منشيات ڊيلر پنھنجي شروعاتي بيان ۾ حيدرآباد باالخصوص لطيف آباد جي مختلف علائقن ۾ منشيات سپلائي جو اعتراف ڪيو آھي، اي سيڪشن پوليس سوگھو ٿيل جوابدار مختيار علي شيخ خلاف نارڪوٽڪس ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪري ورتو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button