بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌ حڪومت پاران ريل حادثي جي متاثرن لاءِ جاري ڪيل امداد ڪافي ناهي: صنعان قريشي

نوابشاهه (ڊ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چار ڏينهن اڳ سرھاڙي لڳ ٽرين حادثي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت ڪرڻ لاءِ نواب شاهه جي پي ايم سي اسپتال پھتو، جتي ھن زخمين جي عيادت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھي حادثو ريلوي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري ٿيو آھي، ھن چيو ته ريلوي جو وزير ريلوي جي نظام کي بھتر بنائڻ بجاءِ رڳو ڪرپشن ۾ پورو آھي، ھن چيو ته جيڪي فوت ٿيا آھن يا زخمي ٿيا آھن انھن جي مالي امداد ڪئي وڃي، ھن چيو ته سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل امداد ڪافي ناھي، ھو صرف امداد جي نالي تي پنھنجي سياست چمڪائڻ چاھين ٿا، ھن چيو ته سنڌ تمام ڏکئي وقت مان گذري رھي آھي، اسان سڀني کي متحد ٿيڻ گھرجي ته جئين اسان پنھنجا حق وٺي سگھون، ھن چيو ته سنڌ جا اھم مسئلا ڪارونجھر جي ڪٽائي، معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ، سنڌي ماڻھن جو قتل عام جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھن چيو ته اسان سنڌ جا وارث آھيون ۽ اسان کي گڏجي جدوجھد ڪرڻي پوندي، ھن چيو ته ڪارونجهر، موھن جو دڙو سميت ٻيا ماڳ اسان جي سنڌ جا قومي ورثا آھن جن کي پڪنڪ پوائنٽ جو درجو ڏنو وڃي ته جيئن سنڌ جا قومي ورثا زندھ رھي سگھن، جڏھن ته ان موقعي تي آصف مگسي، شعبان ماٽي، ، طارق سمون، فرمان ملاح، حنان عباسي، هاشم لغاري ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا. ان کان اڳ صنعان خان قريشي نوابشاهه ڀرسان کڏهر اسٽاپ پهچي جسقم جي پُراڻي ڪارڪن ارشد انڙ جي لاڏاڻي تي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button