بريڪنگ نيوزسنڌ

سجاول ۾ آپڪا جو ملازمن جي ڀرتين ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف احتجاج

سجاول (ڊ ر)  سجاول ۾  آپڪا جو 1 کان 4 اسڪيل جي ملازمن جي ڀرتين ۾ ميريٽ جي لتاڙ ۽ سياسي لسٽ جاري ٿيڻ خلاف ڊي سي آفيس اڳيان  احتجاج ڪيو ويو۔آل پاڪستان ڪلرڪس ايسيوسيئيشن ضلعي سجاول طرفان ضلعي صدر بچل لغاري جي اڳواڻي ۾ گريڊ 1 کان 4 تائين جي ملازمن جي ڀرتين ۾ ميريٽ لتاڙ ۽ سياسي مداخلت خلاف ڊي سي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويو۔ ان موقعي تي آپڪا ضلعي صدر بچل لغاري، جنرل سيڪريٽري عبدالعزيز ٻاگهل، آپڪا يونٽ روينيو جي صدر محمد يوسف ميربحر، ڪاشف ميمڻ، الطاف ميربحر ۽ آپڪا مختلف يونٽن جي اڳواڻن چيو تہ سجاول ضلعي جي هزارين نوجوانن 1 کان 4 اسڪيل جي ملازمت حاصل ڪرڻ لاء گذريل ڪيترن ئي سالن کان ھر کاتي ۾ بار بار اپلائي ڪيو آھي ۽ انٽرويو بہ ڏنا آھن، پر اڃان تائين انهن جو ڪو بہ کڙ تيل ناهي نڪتو۔ هنن چيو تہ ڄاڻايل ڀرتين جو انٽرويو ڏيندڙ نوجوانن کي ميريٽ تي ملازمت ڏيڻ جو ٽائم ويجهو اچڻ باوجود ميريٽ لسٽ ظاهر ڪرڻ بدران سيڪريٽ رکي وئي آهي، جيڪا انٽرويو ڏيندڙ ضلعي جي هزارين حقدار اميدوارن سان ناانصافي آهي۔ هنن چيو تہ حقدار اميدوارن کي پنهنجو حق ملڻ گهرجي تہ جئين پڙهيل لکيل نوجوان بيروزگاري کان بچي سگهن، هنن چيو تہ اسان 1 کان 4 اسڪيل جي ڀرتين جي حقدار اميداورن سان ناانصافي برداشت نہ ڪنداسين۔ هنن وزير اعليٰ سنڌ ۽  لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي تہ معاملي جو نوٽيس وٺي حقدار کي پنھنجو حق ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button