تازيون خبرون
مکيه صفحو / اڄ جي اخبار / بين الاقوامي / ڊيم فنڊ جو هڪ روپيو به ٻي ڪم تي خرچ نه ٿيندو، ان رقم تي ججن ۽ سپريم ڪورٽ جو به احتساب ٿيندو: چيف جسٽس

ڊيم فنڊ جو هڪ روپيو به ٻي ڪم تي خرچ نه ٿيندو، ان رقم تي ججن ۽ سپريم ڪورٽ جو به احتساب ٿيندو: چيف جسٽس

اسلام آباد(م-ڊ)چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته ڊيم فنڊ جو هڪ روپيو به ڪنهن ٻئي ڪم تي خرچ نه ٿيندو، جڏهن ته ان رقم تي ججن ۽ سپريم ڪورٽ جو به احتساب ٿيندو، سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيمن جي تعمير بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڊيم ٺهڻ جو عدالتي فيصلو حتمي ٿي چڪو آهي، فيصلي خلاف ڪا نظرثاني درخواست ناهي آئي، ڊيم جي اڏاوت جي جائزي لاءِ عملدرآمد بينچ جوڙي آهي، سندس چوڻ هو ته واپڊا ٻڌائي ڊيم جي اڏاوت جا مرحلا ۽ ٽائم فريم ڇا هوندو؟ عملدرآمد بينچ ٽائم فريم موجب ڪم کي يقيني بڻائيندي، هن ريمارڪس ڏنا ته ڊيم فنڊ جو هڪ روپيو به ڪنهن ٻئي ڪم تي خرچ نه ٿيندو، رقم تي ججن ۽ سپريم ڪورٽ جو به احتساب ٿيندو، ڊيم فنڊ مان پينسل خريدڻ جي اجازت به عملدرآمد بينچ ڏيندو ۽ اٽارني جنرل عملدرآمد بينچ جو فوڪل پرسن هوندو، چيف جسٽس چيو ته رپئي جو قدر گهٽجي رهيو آهي، عدالت نٿي چاهي ته ڊيم فنڊ جي رقم جو قدر نه گهٽجي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڊيم جي اڏاوت لاءِ سرنگهه جي تعمير ضروري آهي، اين ايڇ سي بابو سر جي علائقي ۾ سرنگهه تعمير ڪندو، ان تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته سرنگهه تي ڪم شروع ٿيو پر مقامي عدالت منع نامي جو حڪم ڏنو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ان حڪم جي تفصيلن بابت آگاهه ڪيو وڃي، ڊيم جي تعمير جي جيڪا به رنڊڪ اچي عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي، فنڊ وٺڻ جو مقصد ڊيمن لاءِ مهم شروع ڪرڻ هو، ماڻهو پڇي رهيا آهن ته ڊيم ڪڏهن ٺهندو، وڌيڪ ڪيترا پئسا گهربل آهن آگاهه ڪيو وڃي ۽ اهو پئسو ڪٿان ۽ ڪيئن ايندو، تفصيل ٻڌايا وڃن، ان دوران جسٽس فيصل عرب پڇاڻو ڪيو ته پئسو ٺاهڻ لاءِ بانڊ جاري ڪرڻ آهن يا ڪمپني ٺاهيندي، فنڊنگ جو وڏو حصو وفاقي حڪومت کي ڏيڻو آهي ۽ جيڪڏهن سٺو مارڪ اپ ملي ته پئسو بئنڪ ۾ به جمع ڪرائي سگهجي ٿو، جسٽس فيصل عرب ريمارڪس ڏنا ته ڊيم جي اڏاوت جو ڪم نه رڪجڻ گهرجي، گڏوگڏ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته حڪومت کان هدايتون وٺي ٽائم فريم ڏيو ۽ آگاهه ڪيو وڃي ته هر سال پي ايس ڊي پي ۾ ڪيتري رقم رکي ويندي، ٻڌڻي دوران جسٽس منيب اختر چيو خدشو آهي ته سرنگهه جي تعمير ڊيم جي ڪم ۾ رنڊڪ نه بڻجي، ان تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته واپڊا موجب 4 کان 6 مهينن ۾ سرنگهه ٺهي ويندي، ان سان ديامير ڀاشا ڊيم جو رستو 5 کان 6 ڪلاڪ گهٽجي ويندو، پوءِ عدالت ڊيم جي اڏاوت لاءِ 24 ڊسمبر تائين ٽائم فريم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.7

ھي به ڏسو

آئيڊياز سان دفاع جي شعبي سميت گڏيل واپار ۽ تعاون جي ماحول کي هٿي ڏيڻ جوڳا موقعا مليا آهن: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته …

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان صحافي جمال خاشقجي جي قتل جو حڪم ڏنو: سي آءِ اي جاچ رپورٽ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪا جي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي پنهنجي جاچ کانپوءِ ان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے