بريڪنگ نيوزسنڌ

ملڪ ۾ مهانگائي سبب عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهي: ڊاڪٽر ابوالخير محمد زبير

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) جميعت علماءِ پاڪستان ۽ ملي يڪجهتي ڪائونسل پاڪستان جي سربراهه صاحبزاده ڊاڪٽر ابوالخير محمد زبير لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون ويجهو آهن ان لاءِ اسان وفد جي صورت ۾ پهريان پنجاب بعد ۾ بلوچستان ۽ هينئر سنڌ جي تنظيمي دوري تي آهيون، ڪجهه ڪلاڪن کان بعد پي ڊي ايم جي حڪومت ختم ٿي ويندي جنهن حڪومت جيترا ظلم ۽ جيڪي حرڪتون ڪيون ان سان پي ڊي ايم جي حڪومت پاڪستان جي تاريخ جي بدترين حڪومت هئي، پي ڊي ايم جي حڪومت پئٽرول، ڊيزل ۽ عام واهپي جي شين ۾ واڌ جي ڪري ملڪ ۾ مهانگائي جي طوفان سبب عام ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن ۽ روزانو جي بنياد تي ماڻهو بک مري رهيا آهن. هن چيو ته هر هنڌ بدامني آهي، سنڌ جي گهوٽڪي ۽ ڏهرڪي ۾ بدامني سبب اتان جا ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهي ايسيتائين جو معصوم ٻارڙن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪا شيءَ ئي ناهي. هن چيو ته ملڪ اندر ادارا پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، هي پهريون ڀيرو ناهي جو ڪو سياستدان نااهل ٿيو هجي ان کان اڳ به سياستدان نااهل ٿيندا رهيا آهن، هي عجيب حڪومت آهي جو عدليه جي فيصلن کي نه پئي وڃي، ويتر ٻن ڏينهن جي اندر قومي اسيمبليءَ مان بغير ڪنهن رول ۽ ريگيوليشن جي 52 بل پاس ڪيا ويا انهن مان اڪثر بل اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ئي نه هئا پر پي ڊي ايم جي حڪومت جي خاتمي تي هر ماڻهو سُک جو ساهه کڻندو ۽ اسان يوم تشڪر ملهائينداسين. هن چيو ته نگران حڪومت 90 ڏينهن جي لاءِ هوندي آهي پر جيڪي آثار ٿا نظر اچن ٿا نگران حڪومت 90 سال يا ناهي ته 10 سال ته هوندي، ڇاڪاڻ پي ڊي ايم حڪومت عام چونڊون نئين مردم شماري تحت ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪي چونڊن ۾ دير ڪرڻ جا حرٻا آهن، حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو ٻين جي اشارن تي هلندي ڌانڌلي ڪرائڻ لاءِ من پسند ماڻهن کي کڻي اچڻ چاهن جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. اميد ته نگران حڪومت غيرجانبدار رهي ملڪ ۾ انصاف ڀري صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائيندي. هن چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ مذهبي جماعتن جو اتحاد ٺاهڻ لاءِ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق، ساجد علي نقوي ۽ ٻين مذهبي اڳواڻن سان رابطا جاري آهن.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button