بريڪنگ نيوزسنڌ

دادو ۾ شهيد صحافي عظيم لغاري جي 15 هين ورسي ملهائي وئي

دادو(ڊ ر) دادو پريس ڪلب جي شھيد صحافي عظيم لغاري جي 15ورسي  دادو پريس ڪلب ۾ سادگي سان ملھائي وئي  شھيد صحافي عظيم لغاري جي يادگار تصوير کي گلن جي ۽ شاندار لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي  دادو پريس ڪلب  جي صدر صابر علي ڀنڊ  ورسي جي موقعي  تي دادو پريس ڪلب جي ڪانفرنس ھال ۾ شھيد صحافي جي لاءِ فاتح خواني ڪرائي ۽ مغفرت لاءِ دعا دادو پريس ڪلب جي صحافين پاران اجتماعي دعا گھري  شھيد جي وارثن پاران کيس الڳ ڀيٽا پيش  ڪئي وئي ۽ مزار  تي حاضري ڀري  جڏھن ته دادو پريس ڪلب  جي  صحافين پاران الڳ  ورسي تقريب جو انعقاد ڪيو، دادو پريس ڪلب جي صدر صابر علي  ڀنڊ ،اڳوڻي صدر نامياري صحافي گلڻ ڀنڊ، صدر حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس دادو  سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل دادو جي چيف آرگنائيزر غوث علي جھتيال، سينيئر صحافين  سرور جلال سولنگي، ممتاز علي ڀنڊ رضوان منگي،آزاد بلوچ،، لياقت علي ملڪ  علي گل چنه،سخي چارڻ حبدار ٻٻر  علي گوھر سومرو  مشتاق احمد شاھاڻي  ۽ ٻين صحافين شھيد صحافي محمد عظيم لغاري  کي لفظن ۾ شاندار ڀيٽا پيش ڪئي صحافي اڳواڻن جو چوڻ ھو  ته شهيد جي خون سان ان وقت جي سنڌ ۽ وفاقي سرڪار  انصاف نه ڪيو آهي، عظيم  پنھنجي حياتي ۾ صحافت واري عرصي دوران حق ۽ سچ جي ڳالهھ ڪئي بيباڪ  رهيو  شهادت کان چند منٽ اڳ زبه ھن پاران ھڪ خبر بابت تفصيل گڏ ڪرڻ لاءِ ھن جي ھٿ ۾ قلم ۽ پنو ھو جنھن پني تي ان ڏينھن جي اھم خبر لکي رھيو ھو ته دادو شھر جي سينيما چوڪ تي گولين جو کاڄ بڻجي ويو،اڳواڻن وڌيڪ چيو ته  شهيد صحافي جي  معصوم ٻار آھن جن لاءِ سنڌ حڪومت تعليم ۽ بيمار ٻارن جي علاج لاءِ خرچ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو اهو به اڌورو رهجي ويو۔شهيد جي ٻارڙن جي پرگهور لھندڙ سندس  چاچي  اسلم لغاري  لاءِ ان وقت جي  ڊي آءِ جي حيدرآباد  ثناءُالله عباسي پاران سپاهي جي  نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو اهو اعلان به 15 سالن ۾ خالي اعلان رھجي ويو،هنن چيو ته  سنڌ حڪومت ۽ سنڌ ۾ صحافي تنظمين کي فوري نوٽيس وٺي دادو جي شهيد صحافي محمد عظيم لغاري جي وارثن جي پرگهور لهڻ لاءِ قدم کڻڻ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شهيد صحافي  جي وارثن جي سار لھي سگھجي، هوڏانهن شهيد جي وارثن اڳوڻي سينيئر صحافي  غلام حسين لغاري، شھيد  جي ڀائرن  شان لغاري،سڄڻ لغاري ۽ لعل محمد  لغاري اسلم لغاري ۽ والدين جيڪي ڪسمپرسي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آھن .

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button