بريڪنگ نيوزسنڌ

چوٽياريون ۾ ڳوٺاڻن جو پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش خلاف احتجاج

چوٽياريون (ن م)ڳوٺ جاني جوڻيجو جي رهواسي سليمان جوڻيجو پنهنجن ٻن پٽن اسد علي ۽ عبدالسلام جوڻيجو سميت چوٽياريون پريس ڪلب تي احتجاج ڪرڻ دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان 12سالن کان ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ رهندا  آھيون ڪجھ مهينن کان پلاٽ جو معاملو هلندڙ  آهي هنن دانهيندي چيو ته محمد رفيق ۽ الله بخش جوڻيجو ۽ ٻيا مونکي  ۽ منهنجي پٽن کي لڏو کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏين ٿيا اسان اهڙي درخواست چوٽياريون ٿاڻي تي پڻ ڏني آهي هو هينئر به مون کي ۽ منهنجن پٽن کي مسلسل موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ چون ٿا ته  هتان لڏي وڃو هنن وڌيڪ چيو ته اسان ايس ايس پي سانگهڙ ڊي ايس پي سانگهڙ  ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪيون ته هن معاملي جو نوٽيس وٺي قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button