بريڪنگ نيوزسنڌ

خانپور مهر ۾ ناري جو والدين سان گڏجي مڙس ۽ ساهرن جي زيادتي خلاف احتجاج

خانپورمھر(ن م) خانپورمھر ۾  ناري پيءُ ۽ امڙ سان گڏ مڙس ۽ ساهرن جي ظلمن خلاف احتجاج ڪندي انصاف جي گهر ڪئي آھي. خانپورمهر ويجهو راڻي هار جي ڳوٺ الهوڌايو ڪليري جي رهواسڻ شادي شده ناري پري ڪليري  پنهنجي والد انور ڪليري ۽ امڙ زرينا ڪليري سان گڏجي خانپورمهر م صحافين وٽ پهچي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ناري پري ميڊيا آڏو الزام هنيو ته 4 سال اڳ منهنجي طالب ڪليري سان شادي ٿي جيڪو گونگو آهي، ناري ٻڌايو ته شادي کانپوءِ مڙس طالب مون مٿان تشدد ڪندو هو ۽ ساهرن به منهنجي زندگي تنگ ڪري ڇڏي جن جي ظلمن کان تنگ ٿي پنهنجي پيءُ ماءُ وٽ پناه ورتي آهي،مونکي طلاق ڏياري وڃي، ان موقعي تي انور ڪليري ۽ زرينا ڪليري الزام هنيو ته جوابدار نذير ڪليري سوڍل، محمد ڪليري، اسحاق ۽ راحب ڪليري نياڻي مٿان ظلم ڪندا هئا هنن جي ظلمن کان تنگ ٿي نياڻي ٽن سالن کان اسان وٽ آهي پر هاڻ جوابدار نياڻي کي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام ڏيئي مارڻ چاهين ٿا اسان کي جوابدارن مان زندگي خطرو آهي، متاثرن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button