بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌ اسيمبلي ۽ صوبائي ڪابينا ٽٽي وئي، گورنر سمري تي صحيح ڪري ڇڏي، نگران وڏي وزير جي مقرري تائين مراد علي شاهه ڪم جاري رکندو

ڪراچي (بيورو/ اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي ۽ صوبائي ڪابينا ٽٽي وئي، گورنر سمري تي صحيح ڪري ڇڏي، نگران وڏي وزير جي مقرري تائين مراد علي شاهه ڪم جاري رکندو، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اسيمبلي ٽوڙڻ واري سمري تي صحيح ڪرڻ کانپوءِ سمري کڻي گورنر هائوس پهتو، گورنر ڪامران ٽيسوري سندس آجيان ڪئي، اڳوڻا صوبائي وزير سعيد غني، ناصر شاهه ۽ ٻيا به موجود هئا، وڏي وزير اسيمبلي توڙڻ جي سمري گورنر کي ڏني جنهن تي هن صحيح ڪري ڇڏي، گورنر جي صحيح کانپوءِ سنڌ اسيمبلي ۽ صوبائي ڪابينا ٽٽي وئي، سنڌ اسيمبلي چار سال 11 مهينا ۽ 29 ڏينهن رهي. نگران وڏي وزير لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ اڄ ڇنڇر کان مشاورت شروع ٿيندي جڏهن ته جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي نگران وڏو وزير بڻجڻ جو امڪان آهي نگران وڏي وزير لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ اڄ کان صلاح مشورا شروع ٿيندا جڏهن ته جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي نگران وڏو وزير بنجڻ جو امڪان آهي ڇو ته پي پي قيادت کي ان جي نالي تي اعتراض نه آهي جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جو نالو سنڌ حڪومت قيادت کي تجويز ڪيو آهي جنهن تي پي پي قيادت کي ڪو اعتراض نه آهي وڏي وزير مقبول باقر جو نالو مخالف ڌر اڳواڻ رعنا صديقي جي اڳيان پيش ڪندو سنڌ حڪومت کي اميد آهي ته ان پاران پيش ڪيل نالي تي ڪنهن کي اعتراض نه هوندو اپوزيشن ليڊر سان مشاورت کان پوءِ ان حوالي سان حتمي اعلان ڪيو ويندو. سنڌ اسيمبلي جو الوداعي اجلاس، ميمبرن جو يادگاري فوٽو سيشن ٿيو.سنڌ اسيمبلي جمعي تي پنهنجي پنجن سالن جي آئيني مدي جو سفر پورو ڪري ورتو آخري اجلاس کي سنڌ جي وڏي وزير، مخالف ڌر اڳواڻ ۽ ٻين ميمبمرن خطاب ڪندي چيو ته انهن هن ايوان ۾ ڪيئن عوام جو نمائندگي جو حق ادا ڪيو اهو فيصلو سنڌ جي عوام ايندڙ اليڪشن ۾ ڪندي وڏي وزير مرادعلي شاهه ايوان ۾ پنهنجي الوداعي خطاب ۾ چيو ته سنڌ اسيمبلي پنهنجو آئيني مدو پورو ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ئي تحليل ٿي رهي آهي جنهن تي مان معذرت چاهيان ٿو هن چيو ته اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي سمري گورنر ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي وڏي وزير چيو ته پيپلزپارٽي هميشه عوام جي خدمت ڪئي اسان جي خلاف سازشون به ٿيو پر اسان نه گهٻرايو ۽ پنهنجو ڪم ڪندا رهياسين وڏي وزير چيو ته رب جو ڪرم آهي جو اسيمبلي جا 5 سال پورا ٿيا مان پنهنجي والدين کي ياد ڪريان ٿو ان جي تربيت سان هن مقام تائين پهتس بي بي 2002 ۾ مون کي چيو هو ته اوهان اليڪشن وڙهيو ان جي تربيت هئي اڄ هن هنڌ تائين پهتو اهيان هن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي پهرين اليڪشن 1937 ۾ ٿي هئي اپريل 1937 ۾ پهريون سيشن ٿيو اڄ جڏهن هتان کان فارغ ٿينداسين، گورنر کي چوندس ته اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيو هن چيو ته آخري ڏينهن منهنجي ڪوشش آهي ته ڪائي اختلافي ڳالهه نه ڪريان پر اهو سچ آهي ته هن اسيمبلي کي هلڻ کان روڪيو ويو اسان جي بيورو ڪريسي کي ڪم کان روڪيو ويو اسان جا ڪيترائي ميمبر گرفتار ٿيا اسپيڪر اڄ تائين اسير آهي ۽ اسپيڪر صاحب اڄ به جيل مان اچي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو اهي هن چيو ته اها به ڳالهه ٿي ته سنڌ جو وڏو وزير به گرفتار ٿيندو پر بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي جڏهن کان آهي لياري جو آواز تڏهن کان آهي بي بي، ڀٽو ۽ آصف علي زرداري لياري مان چونڊيا ويا اسان ڪڪري گرائونڊ ۾ ڪم ڪيو اسان سنڌ ۾ هر ضلعي ۾ کٽيو آهي هن چيو ته جڏهن اسان نوڪريون ڏنيون ته نوڪرين جا دشمن عدالت ۾هليا ويا. سب انٽرويو ٿي ويا هئا جيڪي جاب جا دشمن هئا ڪورٽ کين اسٽي ڏئي ڇڏيو اها 0ک جي ڳالهه آهي ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن پر ميرٽ تي نوڪريون بند ڪرايون ويون آهن اها صورتحال سمجهه کان ٻاهر اها دشمني ڇو ٿي رهي آهي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button