بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد ۾سافڪو پاران يوم آزادي جي موقعي تي تقريب منعقد

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سافڪو طرفان پاڪستان جي 76هين آزديءَ واري ڏهاڙي جي مناسبت سان تقريب منعقد ڪئي وئي. سافڪو جي باني ۽ قائد سلميان جي ابڙو چيو آهي ته پاڪستان قائم ٿيڻ کي اڄ 76 سال مڪمل ٿيا آهن، ان عرصي دوران پاڪستان جي آبادي 24 ڪروڙ ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ 65 سيڪڙو تعداد نوجوانن جو آهي، جيڪا ڪنهن ملڪ لاءِ وڏي خوشنصيبي آهي، اسان جو ملڪ وسيلن ۽ خوبصورت ذهنن سان مالا مال آهي، ضرورت رڳو انهن وسيلن جي انصاف ڀري ورڇ ۽ اجتماعيت واري سوچ پيدا ڪرڻ جي آهي. هتي سافڪو هال ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي سليمان جي ابڙو وڌيڪ چيو ته ترقي ۽ خوشحاليءَ جي ڌارا کان ڪٽيل ماڻهن ۽ خاص ڪري نوجوانن کي احساس ڏيارڻ گھرجي ته حڪمراني ڪرڻ جو حق رڳو انهن جو ناهي، جيڪي 76 سالن کان راڄ ڪري رهيا آهن، اسان ۽ توهان به حڪمراني ڪرڻ جي ان ڌارا ۾ شامل ٿي سگھون ٿا، جنهن لاءِ اسان پراميد آهيون. هن چيو ته اسان کي مهذب جمهوريت ۽ مهذب روين جي ضرورت آهي، ان لاءِ اسان سڀن کي اجتماعي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان جون جيڪي صلاحيتون ۽ وسيلا آهن انهن تي ٻين ماڻهن جو به حق آهي، اهي امانتون انهن تائين پهچائڻيون آهن. سليمان جي اابڙو چيو ته مايوس ٿيڻ جي ڳالهه نه آهي پاڪستان کي خدا ڪيترين ئي نعمتن سان نوازيو آهي، جتي وسيلن جي ڪا به کوٽ ناهي، کوٽ آهي ته برابريءَ واري ورڇ، انصاف، بهتر حڪمراني ۽ اجتماعي سوچ جي آهي، جنهن لاءِ اسان سڀن کي مثبت ڪردار ادا ڪري ماڻهن جي ذهنن مان احساس ڪمتري ختم ڪرڻي پوندي ۽ کين ترقي ۽ خوشحاليءَ جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ همٿائڻو پوندو، تڏهن ئي امن ۽ محبت جي فضا قائم ٿيندي، ترقي ۽ خوشحالي ايندي ۽ آزادي وارو مقصد صحيح معنيٰ ۾ حاصل ٿي سگھندو. تقريب کي خطاب ڪندي ايس ايم سي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه چيو ته پاڪستان جي ٻين ڪيترن ئي مسئلن ۾ غربت ۽ معاشي بدحالي سڀ کان وڏو چئلينج آهي، ۽ اسان سافڪو جي پليٽ فارم تان غربت گھٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، جنهن تي اسان کي فخر آهي. اسان جون ڪوششون نه رڳو انهن ماڻهن پر مجموعي طور ملڪ جي ترقيءَ لاءِ اثر ڇڏينديون. تقريب کي بشير احمد ابڙو، علينا افتخار، اقرا شعيب، رميز اقبال ميمڻ، هريش ڪمار، مير اسد ٽالپر، حبيب الله خلجي ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته مختلف شهرن ۾ سافڪو جي 63 برانچن ۾ پڻ جشن آزاديءَ جون تقريبون منعقد ڪيون ويون.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button