بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي جان محمد مهر جي قتل واقعي ۽ قاتلن جي گرفتار لاءِ احتجاج جاري

سکر(رپورٽ: قمرالدين ميراڻي) سکر يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي سکر، لاڙڪاڻو ۽ حيدر آباد ڊويزن جي صحافين سکر جي سياسي سماجي شهري تنظيمن جي اڳواڻن پاران سکر پريس ڪلب کان ايس يو جي جي صدر امداد بوزدار جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ڌرڻي ۾ پاڪسٿان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي خزانچي لالا اسد پٺاڻ، خصوصي طور تي شرڪت جڏھن ڪراچي کان آيل سينيئر صحافين وحيد راڄپر، احسان لاشاري، حيدر آباد جي سينيئر صحافين جئه پرڪاش موراڻي، اقبال ملاح، لاڙڪاڻو، خيرپور،  شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ڪشمور سميت روهڙي، پنو عاقل، صالح پٽ، ڪنڌرا، پنوعاقل سميت ننڍن وڏن شھرن جي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڌرڻي ۾ شريڪ اڳوآڻ لالا اسد پٺاڻ، ائڊووڪيٽ قربان ملاڻو، اقبال ملاح، احسان لاشاري، وحيد راڄپر، جئه پرڪاش، امداد بوزدار، سيد احقر رضوي، چوڌري ارشاد، سليم سهتو، جاويد جتوئي، شھزاد تاباڻي، عبدالجواد عباسي، مجاھد بوزدار ۽ ٻين چيو ته  شھيد جان محمد مهر سموري سنڌ جي مظلوم ماڻھن جو آواز هيو کيس سکر جي مصروف ترين علائقي ڪوئنس روڊ وٽ سر عام گوليون هڻي قتل ڪرڻ سخت مذمت جوڳو عمل آهي هنن چيو ته جان محمد مهر جي قتل واري واقعي تي پوليس جو ڪردار شڪي لڳي ٿو سکر پوليس شهيد جان محمد مهر جي قاتلن، سهولتڪارن ۽ سرپرستن کي بچائي رهي آهي جنهن جي مذمت ڪيون ٿا هنن مطالبو ڪيو آهي ته شھيد جان محمد مهر جي قتل واري واقعي جي جاچ اعليٰ سطحي جوڊيشل انڪوائري ڪيٽي جي آءِ ٽي جوڙي جنهن ۾ صحافين، وڪيلن کي به شامل ڪيو ته جيڪا صاف شفاف انڪوئري ڪري واقعي جون اصل حقيقتون سامهون آڻي قاتلن، سهولتڪارن ۽ سرپرستن کي وائکو ڪري نه ته ٻي صورت ۾ ڊي آءِ جي آفيس، آءِ جي سنڌ، سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو،حيدرآباد،روهڙي،لاڙڪاڙو،پيرومل،

نوابشاهه،مٽياري،ڀرياروڊ،ٺل،نوشهروفيروز،ٺٽو،ميرپوربٺورو،شادي لارج،ڄامشورو، سيٺارجا،ڪنڊيارو،ٽنڊو محمد خان،ٺري ميرواهه،شهدادپور،راڻيپور،پنوعاقل،خانپور مهر،خيرپور،منهڙو،ڄام نواز علي،جيڪب آباد،گهوٽڪي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ صحافين ۽ سماجي تنظيمن پاران شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ريليون ڪڍي ڌرڻا هڻي مظاهرا ڪيا ويا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button